سنڌ سرڪار پاران ٿر جي ترقي لاءِ “ٿر ڊولپمينٽ پاليسي” بل اسيمبليءَ مان منظور ڪرائڻ جو اعلان

0Shares

مٺي  (ڊ ر) صوبائي صلاحڪار اطلاعات ۽ قانون  مرتضي ٰ وهاب چيوآهي ته بورڊ آف روينيو پاران  نادرا لسٽ ۾ رهجي ويل67 هزار 905 خاندانن نالا شامل ڪرڻ لاء سمري منظوري لاءِ موڪلي وئي  آهي سمري جي منظوري بعد  رهجي ويل متاثر خاندانن کي ڪڻڪ ڏني ويندي  ان سلسلي ۾ ويهجي واري سينٽرن تان ڪڻڪ فراهم  ڪرڻ لاءِ 376 ديهن ۾ سينٽر قائم ڪري ڪڻڪ پهچائڻ لاءِ ٽرانسپورٽن کان ٽينڊر پڻ گهرايا ويا آهن ۽ جلد ئي ويجهي وارن سينٽرن تان ڪڻڪ ورهائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو .  اهڙو اظهار هن اڄ دربار هال مٺي ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي صوبائي وزير تواناني سان گڏجي مٺي پهچڻ تي صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو . مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري  ٿر جي صورتحال جو نوٽيس وٺندي  ئي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو جي رپورٽ تي ٿر کي ڏڪار سٽيل علائقو قرار ڏئي فوري طور تي ڪڻڪ جي ورهاست وارو ڪم شروع ڪيو آهي ۽ نادرا جي ڏنل لسٽ مطابق 2 لک 8 هزار 246 خاندانن ۾ تعلقي سطح جي ڪڻڪ گدامن مان هن وقت تائين 50 هزار خاندانن ۾ ڪڻڪ ورهائي وئي آهي . اهڙي ريت ضلع عمرڪوٽ جي 25 ديهن جي 32 هزار ڏڪار متاثرين ۾ ڪڻڪ ورهائڻ وارو ڪم پڻ هلندڙ آهي . هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ٿر جي مسئلي کي چڱي طرح واقف آهي ۽ انهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي . هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته ٿر ۾ ڪڻڪ جي ورهاست صاف ۽ شفاف طريقي سان ٿي رهي آهي .ٿر ڊولپمينٽ پاليسي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ صوبائي صلاحڪار چيو ته ٿرڊولپمينٽ پاليسي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي منظوري بعد سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرايو ويندو ڇاڪاڻ ته ٿرپارڪر ضلعي جي مستقل مسئلي جو حل ٿر ڊولپمينٽ پاليسي سان ئي سلهاڙيل آهي . صوبائي صلاحڪار  چيو ته ٿرپارڪر ۾ صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ سنڌ حڪومت هنگامي بنيادن تي ڪوششون ڪري رهي آهي جنهن جي مثال ٿر جهڙي علائقي ۾ اين سي آئي وي ڊي جهڙا مرڪز قائم ڪيا آهن ته جئين ماڻهن کي صحت جون سهولتون فراهم ٿي سگهن . سنڌ حڪومت پاران ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي مستقل حل لاءِ 18 ننڍا وڏا ڊيم ٺاهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عوامي مسئلن کي ترجيح ڏيندي انهن کي حل ڪيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان ٿر جو مقدمو وڙهڻ  لاءِ هتي آيا آهيون ۽ ٿر جي مسئلي تي سنڌ حڪومت خاموش نه ويٺي آهي .ان موقعي تي صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ چيو ته ٿر سنڌ حڪومت ۽ پي پي پي حڪومت جي ترجيحات ۾ شامل آهي اڄ هتي اچڻ جو مقصد به ٿر جي صورتحال بابت مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ صلاحون جوڙي بهتري طرف وڌڻ آهي ٿر جي بنيادي مسئلن بابت رپورٽ تيار ڪري وڏي وزير کي پيش ڪري درپيش مسئلن کي ترجيح بنيادن تي حل ڪرائڻ جي سفارش ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٿر ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي واهر ڪرڻ لاءِ بورڊ آف روينيو تحت پاليسي جوڙي متاثرين جي مدد ڪئي ويندي.ان کان اڳ صوبائي صلاحڪار قانون ۽ اطلاعات مرتضي ٰ وهاب ، سول اسپتال مٺي جي مختلف وارڊن جو دورو ڪيو ۽ اسپتال ۾ فراهم ٿيندڙ  صحت جي سهولتن بابت مريضن کان معلومات ورتي . مريضن پاران  اسپتالن ۾ صفائي سٿرائي ۽ ڊاڪٽرن جي اڍنگي رويي بابت شڪايت ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته اسٽنٽ ڪمشنر کي مقرر ڪري روزانه جي بنياد تي صفائي سٿرائي ۽ فراهم ٿيندڙ صحت جي سهولتن بابت رپورٽ وٺي نگراني ڪئي وڃي .   بعد ۾ متاثر خاندانن ۾ ڪڻڪ جي صاف ۽ شفاف طريقي سان ورهاست واري ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪڻڪ گدام مٺي جو دورو پڻ ڪيو . صوبائي وزيرن ضلعي انتظاميه کان تفصيلي رپورٽ بابت گڏجاڻي ڪئي . ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر آصف جميل ٻڌايو ته نادرا جي ڏنل لسٽ موجب متاثر خاندانن ۾ ڪڻڪ جي ورهاست جو ڪم روزانه جي بنياد تي هلندڙ آهي  هن وقت ضلعي ۾ صحت جا 269 صحت مرڪز هلندڙ آهن ۽ 26 اسپيلسٽ ڊاڪٽر ڪم ڪري رهيا آهن . ٿر ۾ ٻارن جي فوتگي جو سبب وقت کان اڳ پيدا ٿيڻ، گهٽ وزن  ، ساهه ۾ تڪليف ۽ نمونيا آهن . غذائيت جو ڪم پي پي ايڇ آئي ۽ هينڊز ڪري رهيون آهن . هن سفارشون پيش ڪندي چيو ته ننگرپارڪر، ڇاڇرو  ۽ ڏيپلو ۾ليڊي  گائناڪولاجسٽ ڊاڪٽر، ٻه موبائيل ميڊيڪل يونٽس، ٻارن جي علاج بابت موبائيل يونٽ ،يو سي سطح تي ماءٌ ۽ ٻار جي صحت جا سينٽر قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي  پيئڻ جي پاڻي لاءِ غير فعال آر پلانٽس  کي فعال بنائڻ جي ضرورت آهي .  جنهن تي صوبائي وزيرن چيو ته انهن مسئلن جي حل بابت وڏي وزير کي رپورٽ پڻ پيش ڪئي ويندي. انهي موقعي تي ايم پي اي ارباب لطف الله، ايم پي اي قاسم سراج سومرو،ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي،  راڻا همير سنگه ضلعي چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجهو ، سينيٽر گيان چند ٿاراڻي، سينيٽر ڪرشنا ڪماري، ڪمشنر ميرپور خاص ڊويزن عبدالوحيد شيخ، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪرآصف جميل، ايس ايس پي ٿرپارڪر عمران قريشي ، نندلال مالهي انفارميشن سيڪريٽري پي پي ضلع ٿرپارڪر، پي پي يوٿ اڳواڻ ششيل ملاڻي پڻ ساڻس گڏ هئا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں