ٿر ۾ ڏڪاري صورتحال برقرار، وڌيڪ 6 معصوم گل مرجهائجي ويا

0Shares

مٺي  (ڊ ر) ٿرپارڪر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ وائرل انفيڪشن جي نتيجي ۾ 2 ڏينهن دوران 6 تازن ڄاول ٻارن جي ساهه جو سڳو ٽٽي ويو آهي.ان حوالي سان ٻڌايو ويو ته اهي ٻارڙا مٺي، ننگر پارڪر ۽ ڇاچرو جي علائقن ۾ فوت ٿيا آهن، مٺي سول اسپتال ۾ 3، ڇاڇرو ۾ هڪ ۽ ننگر پارڪر جي ڳوٺاڻي هيلٿ سينٽر ۾ هڪ ٻار فوت ٿيو، خوراڪ جي کوٽ ۽ وائرل انفيڪشن سبب گذريل 5 سالن ۾ تازن ڄاول فوتي ٻارن جو انگ 984 ٿي ويو آهي. فوتي ٻارن جي وارثن سرڪاري اسپتالن ۾ حياتي بچائڻ لاءِ ضروري دوائن سميت ٻين سهولتن جي اڻهوند جي شڪايت ڪئي. والدين گهر ڪئي ته صحت جون سموريون سهولتون مهيا ڪيون وڃن ۽ سندن ٻارن جون حياتيون بچايون وڃن. ان حوالي سان چيو ويو ته ٿر جا هزارين شهري کوهن جو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته خطرناڪ موسمي صورتحال باوجود ڪيترائي ميل پري پنڌ ڪري وڃڻو پوي ٿو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں