شڪارپور لڳ مارفاڻين ۾ تڪرار ٻيهر ڪر کنيو، 2 ڄڻا گوليون هڻي قتل، لاش اڇلايا ويا

0Shares

شڪارپور (ڊ ر) شڪارپور ۾ رت جي راند هڪ دفعو ٻيھر شروع,جھانواھ ٿاڻي جي حد ابراهيم ڪئنال لڳ معرفاڻي برادريء جي ٻن نوجوانن جا گوليون لڳل لاش برآمد, لاشن پي پوليس ڪسٽڊي ۾ سول اسپتال شڪارپور آندو ويو, پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا, لاش گھر پھچڻ سان ئي گھر اندر ماتم برپا ٿي ويو, تفصيل موجب: ضلعي شڪارپور اندر گذريل ڪجھ مھينن کان قتل ٿيڻ بند ٿي چڪا هئا, ضلعو شڪارپور قبلائلي جھيڙن سان ڀريو پيو آھي, جڏھن ته ضلعي شڪارپور جي ڀوتارن پاران قبائلي جھيڙن کي روڪڻ لاء ڪي به اپاءُ جوڳا قدم ناهن کنيا ويا, ضلعي شڪارپور جاڳڻ واري علائقي ۾ معرفاڻي برادري قبائلي جھيڙو ڪيتري ئي عرصي کان هلي رهيو آهي, جڏھن ته ڪالهه صبح جھانواھ ٿاڻي جي حد ابراهيم ڪئنال لڳ معرفاڻي برادري جي ٻن نوجوانن عبدالحميد معرفاڻي ۽ غلام شبير معرفاڻي جا لاش علائقي واسين ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو حد جي پوليس جاء وارداد تي پھچي لاش کڻائي سول اسپتال شڪارپور پھتي جتي ڊاڪٽرن پاران ٻڌايو پئي ويو ته ٻنھي نوجوانن کي گولين جا برسٽ لڳل آهن جنھن سبب هو ٻئي نوجوان ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا, ڊاڪٽرن پاران لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيا ويا, بعد ۾ لاشن کي پوليس کڻائي وارثن حوالي ڪيا, لاش گھر پھچڻ بعد گھرن ۾ ماتم برپا ٿي ويو, ٻئي پاسي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي ذاتي دشمني هلي رهي آهي خبر ناهي ته ڪنھن اسان جي نوجوانن کي گولين جو کاڄ بڻايو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں