زرين خان پاڪستاني ڪرڪيٽر فخرزمان سان لاڳاپن جي ترديد ڪري ڇڏي

0Shares

 دبئي(شوبز نيوز) نالي واري اداڪاره زرين خان پاڪستاني ڪرڪيٽر فخرزمان سان لاڳاپن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي ويب سائيٽ نيوز ون انڊيا مطابق اداڪاره زرين خان پاڪستاني ڪرڪيٽر فخرزمان کي دل ڏئي ويٺي آهي.ميڊيا رپورٽس موجب زرين خان کي فخرزمان جو وارن جو اسٽائيل سندس لڪ ۽ ان جي کيڏڻ جو انداز گهڻو پسند آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو زرين خان پاڪستان جي اڀرندڙ رانديگر کي پنهنجي دل ڏئي ويٺي آهي. ٻئي پاسي زرين خان ٽوئيٽر تي ڀارتي ميڊيا جي ان خبر کي ڪوڙي خبر ۽ بڪواس ڪوٺيندي پنهنجي ۽ فخرزمان وچ ۾ لاڳاپن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں