ڪنگنا رناوت جو هدايتڪار وڪاس تي جنسي حراسان ڪرڻ جو الزام

0Shares

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جنسي هراساني خلاف مهم هلي پئي، اداڪارا تنوشري دتا کانپوءِ ڪنگنا رناوت به هدايتڪار وڪاس ڀل تي جنسي هراساني جو الزام هڻي ڇڏيو. تنوشري دتا ۽ نانا پاٽيڪر تڪرار کانپوءِ بالي ووڊ ۾ جنسي هراساني جا واقعا سامهون اچي رهيا آهن، تازو ئي اداڪارا ڪنگنا رناوت فلم” ڪوئين“ جي هدايتڪار وڪاس ڀل تي جنسي هراساني جو الزام هڻندي چيو آهي ته هن نه رڳو کيس پر ٻين عورتن کي به جنسي طور هراسان ڪيو آهي. ڪنگنا رناوت چيو ته اسان جڏهن به ڪنهن تقريب ملندا هئاسين، جتي وڪاس ڀل کيس اڻ وڻندڙ انداز ۾ ڇهوندو هو، اهو سلسلو اڄ به جاري آهي، ۽ رڳو ساڻس ئي نه پر ٻين ڇوڪرين سان به سندس رويو اهڙو ئي هو. وڪاس ڀل جي اهڙي رويو خلاف ماضي ۾ هڪ عورت آواز اُٿاريو هو پر سندس آواز کي دٻايو ويو هو، پر کيس ان ڇوڪري تي يقين آهي ۽ سندس حمايت ڪرڻ تي ڪيئي فلمن مان هٿ ڪڍڻا پيا.هوڏانهن ناليواري راڳي ڪيلاش کير تي به هڪ ڀارتي عورت صحافڻ نتاشا جنسي هراساني جو الزام مڙهيندي چيو آهي ته 2006 ۾ جڏهن هوءِ ڪيلاش کير جي گهر سندس انٽرويو وٺڻ وئي ان وقت ڪيلاش کير کيس اڻ وڻندڙ انداز ۾ ڇهيو هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں