دبئي ٽيسٽ: حفيظ جي شاندار سينچري، قومي ٽيم ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 255 رنسون ٺاهي ورتيون

0Shares

 دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم اوپنرن محمد حفيظ ۽ امام الحق جي بهترين بيٽنگ عيوض دبئي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن راند ختم ٿيڻ تائين ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 255 رنسون ٺاهي ورتيون. دبئي ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان طرفان ٻن سالن کانپوءِ ٽيسٽ ٽيم جو حصو بڻجندڙ محمد حفيظ ۽ نوجوان بيٽسمين امام الحق اننگز جي شروعات ڪئي ۽ ٽيم کي 205 رنسن جي اوپننگ ڀائيواري فراهم ڪئي. محمد حفيظ 170 بالن تي پنهنجي ڪيريئر جي ڏهين سينچري مڪمل ڪئي. پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 205 رنسن جي امام الحق جي صورت ۾ ڪري، جيڪو 76 رنسون ٺاهي نيٿن ليون جو شڪار بڻيو، جنهن کانپوءِ 222 جي مجموعي اسڪور تي 126 رنسون ٺاهيندڙ محمد حفيظ کي پيٽر سڊل پويلين موٽائي ڇڏيو. ون ڊائون پوزيشن تي اظهر علي پريشان نظر آيو ۽ 80 بالن تي رڳو 18 رنسون ٺاهي جون هولينڊ جي بال تي پويلين موٽيو. پهرين ڏينهن جي راند ختم ٿي ته پاڪستان ٽن وڪيٽن جي نقصان تي255 رنسون ٺاهيون، حارث سهيل 15 ۽ محمد عباس هڪ رنس ٺاهي ڪريز تي موجود رهيا. آسٽريليا طرفان ليون، سڊل ۽ هولينڊ هڪ- هڪ وڪيٽ ورتي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں