انڊر 19 ايشيا ڪپ: ڀارتي ٽيم فائينل ۾ سريلنڪا کي 144 رنسن تان شڪست ڏئي چئمپين بڻجي وئي

0Shares

ڍاڪا(اسپورٽس نيوز) انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فائينل ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم 144 رنسن تان سريلنڪا کي شڪست ڏئي ايشيا ڪپ 2018ع جي چئمپين بڻجي وئي. ڀارت ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ڀارتي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 304 رنسون ٺاهيون. جيسوال 85، انج راوت 57 ۽ پاڊيڪل 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ڀارتي ڪپتان سمرن سنگهه 65 ۽ بادوني 52 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي. سريلنڪا جي ٽيم 38.4 اوورن ۾ 160 رنسن تي ڍير ٿي وئي.  سريلنڪا جا 7 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا. اوپنر فرنندو 49 ۽ پراناوٿانا 48 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڀارت طرفان هرش تياڳي 6، ديسائي 2 ۽ جنگرا هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. هرش تياڳي کي 10 اوورن ۾ 38 رنسون ڏئي 6 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں