سي پيڪ ۾ بلوچستان کي پورا حق ڏينداسين، ڪرپشن تي ڪنٽرول کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي: وزيراعظم

0Shares

ڪوئيٽا (بيورو) وزيراعظم عمران خان بلوچستان ۾ امن امان، استحڪام ۽ معاشي ترقي ۾ سيڪيورٽي ادارن جي ڪردار تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. عمران خان وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ٻين سان گڏ پهريون ڀيرو بلوچستان جي دوري تي پهتو. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪوئيٽا ايئربيس تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ۽ ممڪلتي گهرو وزير شهريار آفريدي به وزيراعظم سان گڏ هئا. ان موقعي تي عمران خان چيو ته گڏيل قومي جدوجهد، وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جي سهڪار ۽ آرمي جي مدد سان بلوچستان جا سڀ مسئلا ختم ڪيا ويندا. هن چيو ته بلوچستان کي قومي ڌاري ۾ شامل ڪرڻ، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ قومي سطح تي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور موجب وزيراعظم کي هيڊ ڪوارٽر سدرن ڪمانڊ ۾ صوبي ۾ امن امان ۽ سيڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي. عمران خان کي خوشحال بلوچستان پروگرام تحت جاري مختلف منصوبن ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) پراجيڪٽ سميت پاڪ افغان سرحد تي خاردار تار لڳائڻ بابت به تفصيلي آگاهي ڏني وئي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته ڪي پي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ کانپوءِ سڄو ڌيان بلوچستان تي آهي، جيڪو پاڪستان جو اقتصادي اعتبار سان مستقبل آهي. وزيراعظم جي دوري جي حوالي سان سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا، علائقي ۾ پوليس ۽ ايف سي جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ايئرپورٽ روڊ تي سڀ دڪان پڻ بند ڪرايا ويا هئا. دوري دوران عمران خان بلوچستان اسيمبلي ميمبرن ۽ تحريڪ انصاف بلوچستان جي صوبائي اڳواڻن سان پڻ ملاقاتون ڪيون، جن ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال، انتظامي ۽ سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻئي طرف وزيراعظم سان صوبائي وزير ڄام ڪمال سميت ڪابينا ميمبرن ۽ گورنر بلوچستان پڻ ملاقاتون ڪيون، ڪابينا ميمبرن سان ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته بلوچ عوام سان اهو ئي وعدو ڪنداسين، جيڪو پورو ڪري سگهون، ڪڇي ڪئنال منصوبو مڪمل ڪنداسين سي پيڪ ۾ بلوچستان کي پورو حق ڏينداسين تجربيڪار سياستدانن ملڪ کي قرضن جي ور چاڙهي ڇڏيو، ڄام ڪمال چيو ته عوام جون صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ۾ اميدون آهن، ڪجهه ڪري نه ڏيکاريو ته ناڪاري اثر پوندا. ٻئي طرف وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سي پييڪ رٿائن ۾ بلوچستان کي پورو حصو ڏينداسين، عوام جا خدشا ختم ڪيا وينداسين سي پيڪ سان صوبي ۾ ترقي لاءِ خوشحالي ايندي. هن چيو ته بلوچستان ترقي ڪندو ته سڄو ملڪ ترقي ڪندو. وفاقي حڪومت بلوچستان جي هر طرح جي مدد ڪندي. بلوچستان ۾ غير اسپتال جي ضرورت آهي. ڪي پي ڪي ۽ پنجاب وانگر بلوچستان ۾ به مڪاني نظام آندو وڃي. وليج ڪائونسل جوڙي اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪيا وڃي. هن چيو ته سياسي پارٽين اقتدار ۾ اچي بلوچستان لاءِ ڪجهه نه ڪيو، صوبي جي پنهنجن ماڻهن به عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو. ماضي ۾ بلوچستان ۾ ترقي تي ڌيان نه ڏنو ويو. بلوچستان جي ترقي لاءِ پورو زور لڳائينداسين. ڪرپشن تي ڪنٽرول کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. ماڻهن تي خرچ ٿيندڙ پئسو باهر هليو ويندو آهي. ادارن جي تباهي سان ملڪ تباهه ٿي ويندو پاڪستان اڄ 28 هزار ارب رپين جو قرضي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں