لاهور (بيورو) احتساب عدالت شهباز شريف کي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي. شيانا هائوسنگ ڪيس ۾ گرفتار پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير، مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي قومي احتساب بيورو (نيب ) طرفان سندس جسماني ريمانڊ جي درخواست ڪئي وئي. (نيب ) لاهور گذريل ڏينهن پنجابجي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف کي صاف پاني ڪيس ۾ طلب ڪيو هو، پر سندس پيشي تي کيس آشيانا اقبال هائوسنگ ڪيس ۾ ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. ٻڌڻي جي شروعاتي تي عدالت جي ڪمري ۾ پيهه هئڻ تي احتساب عدالت جي جج نجم الحسن شهباز شريف ۽ سندن وڪيلن کي پنهنجي چيمبر ۾ سڏائي ورتو ۽ اتي ٻڌڻي شروع ڪئي. ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته شهباز شريف اختيارين اورانگهيا ۽ آشيانا اقبال هائوسنگ اسڪيم جو ڪانٽريڪٽ لطيف اينڊ سنز کان رد ڪري ڪاسا ڊويلپرز کي ڏنو، ۽ سندس اهڙي غيرقانونني قدم سان قومي ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو. شهباز شريف جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سندس اصيل تي مڙهيل سمورا الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف احتساب عدالت ۾ ڏنل بيان ۾ پنهنجي خلاف ڪيسن کي سياسي ۽ انتقامي ڪارروائي قرار ڏنو آهي. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران شهباز شريف پنهنجي صفائي پيش ڪندي چيو ته مان اورنج لائن رٿا ۾ 75 ارب رپين جي بچت ڪئي ۽ ذاتي مداخلت سان ڪيترين ئي رٿائن تي اربين رپيه بچايا آهن. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف پنهنجي مٿان ڪيسن کي سياسي ۽ انتقامي ڪارروائي قرار ڏيندي چيو ته سياسي ڪيس ۾ انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اهو سياسي ڪيس آهي، جنهن کي سياسي نموني حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پنهنجي ننڊ ۽ صحت خراب ڪري چڪو آهيان، رات ڏينهن عوام جي خدمت ڪئي، اهڙي قسم جا الزام ماضي ۾ به لڳندا رهيا آهن، هاڻي ٻيهر اهڙا الزام هنيا ويا آهن، هڪ ٽڪي جي ڪرپشن ثابت ٿي ته سزا لاءِ تيار آهيان. احتساب عدالت نيب جي اپيل تي شهباز شريف کي 10 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟