ٽرمپ جو بيان رد، آمريڪا خيرات نه ڏيندو آهي، فوجي سامان جا پئسا ڏيندا آهيون: سعودي ولي عهد

0Shares

رياض (م ڊ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته آمريڪا اسان کي خيرات نه ٿو ڏي پر اسان جيڪو به فوجي سامان خريد ڪندا آهيون تنهن جي مڪمل قيمت ادا ڪئي ويندي آهي. هڪ انٽرويو ۾ سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان چيو ته جڏهن کان آمريڪا سان لاڳاپن جي شروعات ٿي آهي تڏهن کان  سعودي عرب هر شيءَ جي قيمت ادا ڪندو آهي. هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دعويٰ کل جوڳي آهي جنهن کي رد ڪريون ٿا. سندس چوڻ هو ته آمريڪا اسان کي خيرات نه ڏيندو آهي، اسان آمريڪا کان فوجي سامان خريد ڪندا آهيون جنهن جي قيمت ادا ڪئي ويندي آهي. سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته ٽرمپ جي بيان سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿيندا، غلط فهمين کي ختم ڪري مضبوط لاڳاپا قائم ڪري سگهجن ٿا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں