ن ليگ ڪارڪنن جو احتجاج بڪتربند گاڏي تي چڙهي ويا، نعريبازي، 150 ڄڻن تي ڪيس داخل

0Shares

لاهور (بيورو) شهباز شريف جي احتساب عدالت ۾ پيشي دوران ن ليگ ڪارڪنن جو احتجاج، نعريبازي بڪتربند گاڏي تي چڙهي ويا، پوليس سان چڪريون، 150 ڄڻن تي ڪيس داخل اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جي عدالت ۾ پيشي دوران ن ليگ جي هزارين ڪارڪنن سخت احتجاج ڪيو ۽ وفاقي حڪومت خلاف نعرا هنيا ن ليگ ڪارڪنن بڪتربند گاڏي تي چڙهي ويا پوليس ۽ ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون ان موقعي تي سيڪيورٽي انتظام پڻ سخت ڪيا ويا هئا شهباز شريف ڪارڪنن جي استقبال وقت گاڏي مان لهندي ٿاپر جي پيو. ٻئي طرف ن ليگ صدر شهباز شريف جي گرفتاري تي احتجاج ڪندڙ ليگي ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. نيب گذريل ڏينهن پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف کي آشيانا اقبال هائوسنگ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو، جنهن تي ن ليگ طرفان سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته پارٽي ڪارڪنن به احتجاج ڪيو هو. ن ليگ ڪارڪنن گذريل ڏينهن مال روڊ ريگل چوڪ تي احتجاج ڪيو هو، جنهن تي پوليس انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي، جيڪو سول سائنز ٿاڻي ۾ پوليس جي فرياد تي ئي داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ ايم اين اي وحيد عالم ۽ ايم پي اي ميان مرغوب سميت لڳ ڀڳ 150 ڪارڪنن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں