نوابشاهه:(ڊر) جنسي حراسمينٽ جو شڪار بڻيل شاگردياڻي فرزانه جمالي کي انصاف نه مليو، شاگردياڻي پاران سوين مرد، عورتن سان گڏ نوابشاهه پريس ڪلب سامهون علامتي بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي، حمايت ۾ ايس ٽي پي ،جسقم، جيئي سنڌ تحريڪ، پي ٽي آءِ، فنڪشنل ليگ، جي ڊي اي ۽ سول سوسائٽي جا ڪارڪنن پڻ بک هڙتال تي پهتا، بک هڙتال کي ناڪام ڪرڻ ۽ ماڻهن ۾ خوف پيدا ڪرڻ لاءِ صبح کان ئي پوليس جا اٽالا نوابشاهه پريس ڪلب ۽ آس پاس جي علائقن کي سيل ڪري ڇڏيو، مظاهرو ڪندڙ عورتن ۽ مردن پاران وي سي هٽايو يونيورسٽي بچايو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا اڄ پڻ فرزانه جمالي پاران بک هڙتال تي ويهڻ جو اعلان، خبر موجب شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ارشد سليم آرائين ۽ ليڪچرار عامر خٽڪ پاران جنسي حراسمنيٽ جو شڪار بڻيل شاگردياڻي فرزانه جمالي کي سوا مهينو گذرڻ باوجود انصاف ملي نه سگهيو، شاگردياڻي فرزانه جمالي انصاف لاءِ سوين عورتن ۽ مردن جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته فرزانه جمالي سان همدردي ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي، جسقم، پي ٽي آءِ، پ پ پ شهيد ڀٽو، جيئي سنڌ تحريڪ، جمعيت علماءِ اسلام، جي ڊي اي، فنڪشنل ليگ مختلف سول سوسائيٽي تنظيمن جي نمائيندن ۽ شاگردن بک هڙتال ڪئمپ تي پهتا جتي فرزانه جمالي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان سنڌ جي نياڻي آهيان ۽ گذريل سوا مهيني کان انصاف جي لاءِ در در جا ڌڪا کائي رهي آهيان پر اقتدار ۾ ويٺل ڌريون مونکي انصاف ڏيڻ بجاءِ يونيورسٽي جي وي سي ارشد سليم ۽ ليڪچرار عامر خٽڪ جي مدد ڪري رهيون آهن، هن چيو ته مونکي جنسي حراسان ڪيو ويو، منهنجي والد تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري جيل موڪليو ويو ۽ مون جڏهن پاڻ تي ٿيندڙ ظلم جو آواز بلند ڪيو ته نوابشاهه پوليس جي مدد سان وي سي ارشد سليم ۽ عامر خٽڪ منهنجي معصوم ڀاءُ زوهيب جمالي کي ڌماڪي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ظلم ڪيو آهي، شاگردياڻي جي والد اعجاز جمالي چيو ته اسان کي نوابشاهه پوليس، صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ۽ بااثر ڌريون ڌرتي تنگ ڪري رهيون آهن ۽ رات جي اونداهي ۾ اسان جي گهرن ڀرسان پوليس موبائلون سائرن وڄائي اسان کي ڊيڄاريو پيو وڃي، هن چيو ته منهنجي معصوم پٽ زوهيب جمالي کي ڌماڪي ڪيس ۾ هڪ سازش تحت ملوث ڪيو آهي پر ان باوجود مان ملڪ جي ايجنسين آءِ ايس آءِ، ايم آءِ، آئي بي اي کان مطالبو ٿو ڪيان ته نوابشاهه ڌماڪي ڪيس ۾ يونيورسٽي جي وي سي ارشد سليم ۽ عامر خٽڪ کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي، هن چيو ته نوابشاهه جا ٻه ڊي ايس پي اسان کي تنگ ڪري رهيا آهن ۽ ان جو ثبوت اهو آهي ته منهنجي نياڻي جو حراسمينٽ وارو ڪيس پوليس سي ڪلاس ۾ خارج ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته اسان انصاف جي لاءِ هر فورم تي وينداسين، جڏهن ته بک هڙتال تي ويٺل سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ نثار ڪيريو، جسقم اڳواڻ علي رضا خاصخيلي، سرفرازم ميمڻ، جيئي سنڌ تحريڪ جي سورهيه سنڌي، پي ٽي آءِ اڳواڻ فاروق چانڊيو، آبادگار اڳواڻ امير علي جمالي، سماجي اڳواڻ اختيار تنيو، فنڪشنل اڳواڻ فقير علي گل ڪيريو، غلام مصطفيٰ ڪورائي ۽ ٻين چيو ته ٻڏڻ جو مقام آهي جو سنڌ جي هڪ نياڻي انصاف لاءِ سوا مهيني کان احتجاج ڪري رهي آهي پر زرداري ليگ نياڻي سان انصاف ڪرڻ بجاءِ بد ڪردار ۽ استادي پيشي کي بدنماءُ داغ وي سي ارشد سليم ۽ عامر خٽڪ کي بچاءِ رهي آهي، هنن چيو ته عذرا پيچوهو يونيورسٽي جي نئين تعمير ٿيندڙ بلڊنگ جي تعمير ۽ يونيورسٽي لاءِ خريد ڪيل زمين ۾ اربين روپين جي هيرافيري ۾ ملوث وي سي کي بچائڻ چاهي ٿي، هنن چيو ته پيپلز پارٽي هاڻ بينظير جي پارٽي نه رهي آهي ۽ هاڻ هي عذرا پيچوهو جي پارٽي آهي جيڪا نياڻي کي ۽ سندس خاندان کي مسلسل تنگ ڪري رهي آهي، هنن چيو ته اسان کي نوابشاهه جي پوليس فرزانه جمالي جي ساٿ ڏيڻ تي ڌمڪائي رهي آهي پر اسان نوابشاهه پوليس ۽ وي سي ارشد سليم جي پالتو چمچن کي چتاءُ ٿا ڏيون ته اسان ڪنڌ ڪپائي سگهون ٿا پر هڪ نياڻي جو ساٿ نٿا ڇڏي سگهون، هنن چيو ته جيستائين فرزانه جمالي کي انصاف نه ملندو تيستائين اسان جو احتجاج جاري رهندو، يوٿ ايڪشن ميٽي جي سڏ تي شهيد بي نظيرڀٽو يونيورسٽي نواب شاه جي شاگردياڻي فرزانا جمالي کي جنسي حراسان ڪرڻ ۽ فيصل آباد يونيورسٽي استاد پاران امتحان ۾ بار بار فيل ڪرڻ سبب خوڪشي ڪرڻ واري واقعن خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهري ڪري سخت نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن سنڌو نواز، سهيل ڀٽو، فرزانا چانڊيو،ڪاشف ڀٽو، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽرنياز ڪالاڻي، پنهل ساريو ۽ ٻين چيوته تعليمي ادرن ۾ شاگرديونين تي پانبندي سبب تعليمي ادران ۾ جنسي حراسمينٽ وارا واقعا وڌي ويان آهن.هنن چيوته پنجاب جي شهر فيصل آباد ۾ قائم يونيورسٽي ۾ پڙهندڙسنڌ جي شهر ڳڙهي خيرو واسي شاگرد سيف الله جمالي استادن پاران امتحان ۾ بار بار فيل ڪرڻ سبب دل برداشتا ٿي ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي آهي جيڪو عمل انتهائي مذمت جوڳو آهي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيوته شاگرديونين تان پانبديون ختم ڪيون وڃن. ته جئين تعليمي ادران جو ماحول بهتر ٿي سگهي. نوشهروفيروز ۾ سول سوسائٽي جي سڏ تي نوجوانن پاران فرزانه جمالي کي انصاف ڏيارڻ ۽ سندس ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علي اڪبر سومرو،محمد معين وسطڙو،اصغرعلي مري ،اياز علي سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انصاف چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان مظاهرو ڪيو ويو ۽ نواب شاهه پوليس ۽ انتظاميان خلاف نعري بازي ڪندي اڳواڻي ڪندڙن چيو ته سنڌ جي نياڻي فرزانه جمالي ڪيترن ڏينهن کان انصاف جي لاءِ دانهو ڪري رهي آهي پر سنڌ حڪومت ۽ نواب شاهه جي انتظاميان اکيون پوٽي ڇڏيون آهن ۽ جوابدارن کي تحفظ ڏئي رهي آهي هنن چيف جسٽس آف پاڪستان ،وزيراعظم پاڪستان ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڻ مرادو نوٽيس وٺي سنڌ جي مظلوم نياڻي فرزانه جمالي سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکنداسين
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟