راجڪوٽ ٽيسٽ: ڀارت ويسٽ انڊيز کي اننگ ۽ 272 رنسن تان بدترين شڪست ڏئي ڇڏي

0Shares

راجڪوٽ (اسپورٽس نيوز) ڀارت پهرين ٽيسٽ ۾ ويسٽ انڊيز کي اننگ ۽ 272 رنسن تان بدترين شڪست ڏيئي ڇڏي. ويسٽ انڊيز ۽ ڀارت وچ ۾ ٻن مئچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين مئچ راجڪوٽ ۾ کيڏي وئي. ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي 9 رانديگرن جي نقصان تي 649 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ پنهنجي اننگ ڊڪليئر ڪئي. ڀارت طرفان ڊيبيو ڪندڙ پرٿوي، ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ رويندرا جديجا سينچريون هڻڻ ۾ ڪامياب ويا. ويسٽ انڊيز پاران رويندر بشو چئن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، شرمن لوئس ٻن ۽ شينن گيبريل، روسٽن چيز، ڪري بريٿ ويٽ هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. جواب ۾ ويسٽ انڊيز جا بيٽسمين ڀارتي بالنگ اڳيان نه ڄمي سگهيا پهرين اننگ ۾پوري ٽيم 181 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڀارت پاران رويت چندر ايشون تباهه ڪندڙ بالنگ جو مظاهرو ڪندي 37 رنسون ڏيئي چار رانديگرن کي پويلين موڪليو. محمد شامي 2، اميش يادو، ڪلديپ يادو ۽ رويندرا جديجا هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ان کانپوءِ ويسٽ انڊيز فالو آن تي ٻيهر بيٽنگ ڪئي ته ٻي اننگ ۾ به ويسٽ انڊيز جي ٽيم صرف 196 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ٻي اننگ کي ڪلديپ يادو 5، رويندرا جديجا 3 ۽ ايشون 2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. پرٿوي پنڪج کي ڊيبيو ميچ ۾ سينچري ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں