پاڪستان وومين پاران بنگلاديش کي چوٿين ٽي ٽوئنٽي ۾ به شڪست

0Shares

ڪوڪس بازار(اسپورٽس نيوز) پاڪستان وومين ٽيم بنگلاديش کي چوٿين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به شڪست ڏئي چئن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز 0-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. بنگلاديش وومين ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو ڪنهن به طرح سان صحيح ثابت نه ٿيو. بنگلاديش وومين ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 77 رنسن تي ڍير ٿي وئي. بنگلاديش جون 9 رانديگرياڻيون ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيون، رومانا احمد 24 ۽ فهيما خاتون 14 رنسون ٺاهي نمايان رهيون. پاڪستان طرفان نتاليا پرويز 3، ڊائنا بيگ ۽ ثنا مير 2-2 جڏهن ته انعم امين ۽ ندا ڊار هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.  پاڪستان وومين ٽيم 14.5 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو. ڪپتان جويريا خان 36، ناهيدا خان 17 ۽ منيبا علي 18 رنسون ٺاهي نمايان رهيون. اهڙي طرح پاڪستان وومين ٽيم 4 ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز 0-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں