نيب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف کي آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو

0Shares

لاهور (بيورو) قومي احتساب بيورو(نيب ) آشيانا اقبال هائوسنگ اسڪينڊل ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف کي گرفتار ڪري ورتو. مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي نيب طلب ڪيو هو، ۽ هو بيان رڪارڊ ڪرائڻ نيب لاهور جي آفيس پهتو جتي کيس گرفتار ڪيو ويو . نيب طرفان مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي باضابطا گرفتار لاءِ قومي اسمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان به رابطو ڪيو ويو آهي. نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير کي اڄ احتساب عدالت لاهور ۾ پيش ڪيو ويندو.  نيب پاران شهباز شريف جي گرفتاري بابت اسپيڪر قومي اسيمبلي کي خط لکي آگاهه ڪيو ويو نيب موجب آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ۾ شهباز شريف غيرقانوني طور ٺيڪو پي ايل ڊي سي کي ڏنو پيراگون کي ٺيڪو ڏيارڻ لاءِ معاملو پي ايل ڊي سي حوالي ڪيو ويو سي ايل ڊي سي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز کي باءِ پاس ڪيو ويو هائوسنگ اسڪيم کي پبلڪ پرائيويٽ پاٽنرشپ بڻائڻ لاءِ غيرقانوني قدم کنيا ويا  2013ع م شهباز شريف لطيف اينڊ سنز سان ٺيڪو رد ڪيو شهباز شريف تعميراتي ٺيڪو ايل ڊي اي کي ڏياريو ايل ڊي اي منصوبو مڪمل نه ڪري سگهي ۽ 71 ڪروڙ رپيا  نقصان ٿيو ڪنسلٽنٽي جو ٺيڪو ايم ايس انجنيئرز سروس کي ڏنو ويو ۽ 19 ڪروڙن جو نقصان ٿيو. نيب لاهور پاران آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ۾ ان کان اڳ نيب 21 فيبروري تي لاهور ڊولپمينٽ ڪمپني جي اڳوڻي ڊي جي احمد چيما کي گرفتار ڪيو هو جنهن کانپوءِ پيرا گون سٽي جي ماتحت ڪمپني بسم الله انجنيئرنگ جي چيف ايگزيڪيوٽو شاهد شفيق کي ڪوڙن دستاويزن جي بنياد تي آشيانه هائوسنگ اسڪيم جو ٺيڪو وٺڻ جي الزام هيٺ 24 فيبروري تي گرفتار ڪيو ويو هو. نيب پاران آشيانه ڪيس ۾ ئي بدعنواني جي الزام هيٺ وڌيڪ چئن جوابدارن ايل ڊي اي جي چيف انجنيئر اسرار سعيد اسٽريٽڪ پلانٽ يونٽ جو اڪنامڪ اسپيشلسٽ بلال ڪدوائي، اڳوڻو سي اي او پنجاب لينڊ ڊپارٽمينٽ امتياز حيدر ۽ عارف مجيد بٽ کي 9 مارچ تي گرفتار ڪيو ويو اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي جي اڳوڻي پرنسيپل سيڪريٽري فواد حسن فواد کي به آشيانه اسڪينڊل ۾ پنج جولاءِ تي گرفتار ڪيو ويو هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں