مني لانڊرنگ جي جاچ جو دائرو سنڌ سرڪار تائين وڌايو ويو، 10 سالن ۾استعمال هيٺ رهندڙ سمورن اڪائونٽس جا تفصيل طلب

0Shares

 ڪراچي (چيف رپورٽر) جعلي بئنڪ اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جاچ جو دائرو سنڌ سرڪار تائين وڌائي ڇڏيو آهي.جي آءِ ٽي سنڌ سرڪار کي لکيل خطن ۾ صوبائي حڪومت جي استعمال هيٺ سمورن بئنڪ اڪائونٽس جا 10 سالن جا تفصيل طلب ڪيا آهن ۽ جاچ جو دائرو بيمار صنعتن جي مالي امداد ۽ سرڪاري ٺيڪن تي پکيڙيو ويو آهي. خط جي متن مطابق جي آءِ ٽي سنڌ سرڪار کان 10 سالن ۾ ٿيل کربين رپين جي ٽرانزيڪشن جو رڪارڊ طلب ڪيو آهي ۽ چيو ويو آهي ته صوبائي حڪومت جي جنهن بئنڪ ۾ جيڪو به اڪائونٽ آهي ان جو رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي. جي آءِ ٽي طرفان صوبائي حڪومت جي استعمال هيٺ سمورن اڪائونٽس جا بئنڪ اسٽيٽمينٽ لاڳاپيل آفيسر جي صحيح سان گهريا آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته 10 سالن ۾ صوبي ۾ بيمار صنعتن کي امداد ۽ سندن ڊائريڪٽرن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن. جي آءِ ٽي پاران 10 سالن دوران آبپاشي کاتي ۽ ڪميونيڪشن ورڪس جي ٺيڪن جا تفصيل به طلب ڪيا ويا آهن ۽ چيو ويو آهي ته ٻڌايو وڃي ته 10 سالن ۾ کاتن جي ڪيتري ماليت جا ۽ ڪيترا ٺيڪا ڏنا ويا آهن. صوبائي حڪومت کي لکيل خط ۾ 10 سالن ۾ ڏنل سمورن ٺيڪا، ٺيڪن جا نالا، پتا ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جا تفصيل به طلب ڪيا ويا آهن جڏهن ته خط ۾ سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس جو به حوالو ڏنو ويو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں