شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ پوليس آفيسرن جي ضمانت ختم ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

0Shares

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ ٻن پوليس آفيسرن جي ضمانت رد ٿيڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي.  جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ دهشتگردي جي خاتمي واريعدالت مان سزا مليل اڳوڻي ايس پي خرم شهزاد ۽ اڳوڻي سي پي او سعود عزيز جي سزائون باوجود هاءِ ڪورٽ مان ضمانتن خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.  عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد پوليس آفيسرن جا ضمانت رد  ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي ضمانتن کي برقرار رکيو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، فرحت الله بابر، مهرين انور راجا ۽ پ پ اڳواڻ به موجود هئا. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل لطيف کوسا عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذار رشيده بي بي فوت ٿي وئي آهي. ان موقعي تي پوليس آفيسرن جي وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته درخواستگذار جي لاڏاڻي سان درخواست غير موثر ٿي وئي آهي. جسٽس آصف سعيد کوسا پڇاڻو ڪيو ته بيوه جي وارثن درخواست داخل ڪئي آهي، گذريل ٻڌڻي تي رشيده بي بي جي نياڻي ڌر بڻجي وئي.  عدالت پوليس آفيسرن جي درخواست غير موثر قرار ڏيڻ جي درخواست رد ڪندي درخواستگذار جي وڪيل کي دليل جاري رکڻ جي هدايت ڪئي. جسٽس آصف سعيد کوسا پڇاڻو ڪيو ته ضمانتون ڪهڙي بنياد تي ڏنيون ويون، اسڪاٽ لينڊ يارڊ به جاچ ڪئي، دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ضمانت نه ٿي وٺي سگهجي، آرٽيڪل 199 تحت هاءِ ڪورٽ جي اختيارن تي پابندي نه ٿي لڳائي سگهجي. بئنچ جي سربراهه چيو ته بينظير ڀٽو کي حفاظتي گهيري ۾ وڃڻو هو، سي پي او ذميوار هو، سعود عزيز ايس ايس پي ۽ ٻي نفري کي موڪليو، بي بي کي پوائنٽ بلينڪ رينج کان گولي هنئي وئي، هن ڪراچي لهڻ کان اڳ ڪجهه ماڻهن کي نامزد به ڪيو. جسٽس آصف سعيد کوسا پڇاڻو ڪيو ته ڇا جوابدارن جي ضمانت کي اسٽيٽ چئلينج ڪيو، جنهن تي وڪيل لطيف کوسا چيو ته اسٽيٽ جوابدارن جي ضمانت کي چئلينج ڪيو آهي، مان به چيف جسٽس کي چيو ته اسان جي درخواست کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو پر اسان جي عدالت هڪ ڀيرو به ٻڌڻي مقرر نه ڪئي آهي. لطيف کوسا چيو ته  جوابدارن قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي پوسٽ مارٽم به نه ڪرايو، دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت مان 17 سال قيد جي سزا جي جوابدارن کي ضمانت ڪئين ٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته سي پي او پهريون ڏينهن کان ئي سازش ۾ ملوث هو، اڃا حڪم نامي جي لکت جي مس ئي خشڪ نه ٿي ته ضمانت تي آزادي ڏني وئي،  پرويز مشرف به ڪيس ۾ نامزد آهي جنهن ججن کي به بند ڪيو. جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏيندي چيو ته  برطانوي نشرياتي اداري 10 سيريز تي ٻڌل دستاويزي فلم ٺاهي جنهن جو عنوان قتل رکيو ويو جنهن ۾ جيتري جاچ ڪئي وئي اوتري اسان جي ايجنسين نه ڪئي، اسان کي اهڙي نقطي کي به ڏسڻو آهي ته معصوم ماڻهن کي ته نه پيو ڦاسيو وڃي. وڪيل لطيف کوسا بئنچ جي سربراهه سان ڳالهائيندي چيو ته توهان چئو ٿا ته شڪ جي بنياد تي ضمانتون رد ڪيون ويون، ٽرائل ڪورٽ ڪيس کي سنجيده ئي نه ورتو آهي، خطي جي سڀ کان وزنري ليڊر کي بي رحماڻي طريقي سان قتل ڪيو ويو، اسڪاٽ لينڊ يارڊ جوابدارن کي ذميوار قرار ڏنو ۽ جنرل پرويز مشرف سڀ ڪجهه ڪنٽرول ڪري رهيو هو. جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته پرويز مشرف جي سڀ ڪجهه ڪنٽرول ڪرڻ جي ڳالهه فرضي آهي، جنهن تي وڪيل چيو ته واقعاتي شهادتن ۾ ثبوت موجود آهن. جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته بي بي جي شهادت منهنجي لاءِ به صدمي جو سبب بڻي، جڏهن ڪرائيم سين ڌوتو ويو ته مان دوستن کي چيو ته اهو ڇا ڪري رهيا آهن، شڪ ڪڏهن به شاهدي جي متبادل نه هوندو آهي.  لطيف کوسا چيو ته جوابدار عدالت جو لاڏلو ٻار هوندو آهي، اهو چئي چئي اسان قانون جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، هاءِ ڪورٽ ڪيس کي اهڙي نموني ورتو جيئن چوري جو ڪيس هجي، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته فيصلي لاءِ شاهديون گهربل هونديون آهن.  لطيف کوسا عدالت کي درخواست ڪئي ته سپريم ڪورٽ جوابدارن جي ضمانت رد ڪري ٽرائل هلندو رهي جنهن تي جسٽس کوسا چيو ته اهڙي ڪهڙي شيءَ حاصل ڪئي وئي، جنهن جنهن جي بنياد تي ضمانت رد ڪئي وڃي جنهن تي وڪيل چيو ته ڪجهه حاصل ڪرڻو يا وڃائڻو ناهي، سوال قانون جي حڪمراني  جو آهي. جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته هاءِ ڪورٽ ڪجهه سوال اٿاريا، ڇا اهڙن سوالن کي ڪيس ۾ ڏسڻ ضروري آهي. بئنچ جي سربراهه چيو ته جوابدارن کي ضمانت ملي هڪ سال ٿي ويو آهي، جنهن تي وڪيل چيو ته اهو ته اوهان جو قصور آهي، اهو نظام جو قصور به آهي، جسٽس کوسا چيو ته توهان هتي سسٽم جو لفظ استعمال ڪيو، پوليس آفيسرن جي جيل وڃڻ سان توهان کي ڇا ملندو، جنهن تي لطيف کوسا چيو ته اهو قانون جي بالادستي جو سوال آهي، هاءِ ڪورٽ پنهنجا اختيار اورانگهيا آهن. جوابدارن جي وڪيل خالد رانجها چيو ته منهنجي اصيل کي ڪيس جي شروعات ۾ جوابدار نامزد  نه ڪيو ويو، 13 نومبر 2010 تي جوابدار نامزد ڪيو ويو. جسٽس آصف سعيد کوسا پوليس آفيسرن جي وڪيلن کان سوال ڪيا ته جوابدارن پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪڏهن ڪا ٻي ڪرائيم سين به ڌوتي آهي، ڪرائيم سين کي محفوظ ڪرڻ جي تربيت تي ٽريننگ دوران به ڏني ويندي آهي. بئنچ جي سربراهه چيو ته جوابدارن کان پڇنداسين ته ڪرائيم سين ڌوئڻ جهڙو غير معمولي ڪم ڇو ڪيو ويو؟

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں