اسلام آباد (بيورو) سڌسماءِ جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين مخالف ڌر اڳواڻ ۽ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير محمد شهبازشريف جي آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۾ گرفتاري کي سٺو قدم قرار ڏيندي چيوت ه پاڪستان کي جن ماڻهن لٽيو آهي انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي نيب کي هن معاملي ۾ جيڪا به مدد گهرجي حڪومت ڏيڻ لاءِ تيار آهي هي پهرين گرفتاري آهي اڃا وڌيڪ گرفتاريون ٿيڻ واريون آهن احتساب جو عمل اڃا وڌيڪ اڳتي وڌندو ڪرپشن جي خلاف حڪومت جي زيرو ٽالرس پاليسي آهي جمعي تي ميڊيا سان ڳالهايئندي چوڌري فواد چيو ته ڪجهه وقت اڳ قومي احتساب بيورو اعلان ڪيو ته ميان شهبازشريف کي آشيانه ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتوآهي هي ڪيس مسلم ليگ (ن) جي پنهنجي حڪومت ۾ نيب قائم ڪيا هئا ۽ هي ڪيس هلندا رهيا وچ ۾نگران حڪومت آئي ان دور ۾ به هي ڪيس هلندا رهيا هن چيو ته نيب جي قانون مطابق پهريان انڪوائري ٿيندي آهي پوءِ انويسٽيگيشن ٿيندي آهي پوءِ ريفرنس فائل ڪيو وڃي ٿو هاڻي نيب هنن ڪيسن کي انويسگيشن ۾ تبديل ڪري ڏسي ورتو آهي انهن ڪيسن ۾ وڏي ڪرپشن ٿي آهي هن چيو ته آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۽ ٻين اسڪيمن ۾ 56 ارب رپين جي ڪرپشن جا الزام آهن هن چيو ته حڪومت هن سموري معاملي ۾ مڪمل غيرجانبدار آهي پر اسان پاڪستانجي نمائندگي ڪيون ٿا عوام جي خواهش آهي ته پاڪستان کي جن ماڻهن لٽيو آهي انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي ۽ ان احتساب طرف هي هڪ اهم قدم آهي هن چيو ته نيب جي هن قدم کي اسان بهتر قدم سمجهون ٿا هاڻي ان معاملي کي اڳيان وڌڻ گهرجي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مشاهد الله جي ڀائرن کي قائدن ۽ ضابطن خلاف ترقي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، کين ڌاڙيل چئون ته ناراض ٿي وڃن ٿا، تنهن ڪري راهزن چئون ٿا جيڪو فارسي جو لفظ آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته مشاهد الله جي ڀائرن کي قائدن ۽ ضابطن خلاف ترقي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، مشاهد الله کي علاج لاءِ قومي ناڻي مان پئسن جي واپسي جو نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته دنيا ۾ 875 پاڪستانين جي ملڪيت اهڙي آهي جنهن جو ڪو به دعويدار ناهي، جڏهن ته 895 پراپرٽي مالڪن جي نالي جي لسٽ ٺاهي آهي، سي ڊي اي هاڻي وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪري سگهي ٿي اهو نئون پاڪستان آهي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم پنهنجي خلاف نوٽيس ۾ مداخلت نه ٿو ڪري ته ڪنهن ٻي جي نوٽيس ۾ ڇو ڪندو، هاڻي شهباز شريف کي به نوٽيس جاري ڪيو پيو وڃي. فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم جي هدايت آهي ته جهوپڙي وارن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟