پاڪستان جي گهٽجندڙ معاشي ترقي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڏا چئلينج آهن: آءِ ايم ايف

0Shares

واشنگٽن(م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) نئين حڪومت جي بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ واڌ واري قدم کي درست قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پاڪستان جي معاشي جائزي بعد آءِ ايم ايف رپورٽ جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته پاڪستان کي مالياتي پاليسي وڌيڪ سخت ۽ شرح منافعو وڌائڻ جي ضرورت آهي. آءِ ايم ايف جر رپورٽ موجب پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ جو وڌندڙ خسارو، گهٽ ٿيندڙ معاشي ترقي وڏا چئلينج آهن. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ معيشت جي بهتري لاءِ کنيل قدم ناڪافي آهن پر ان باوجود پاڪستان کي ٽيڪس اصلاحات ۽ ٽيڪس آمدن وڌائڻ جي ضرورت آهي. آءِ ايم ايف سرڪاري ادارن جا نقصان گهٽ ڪرڻ، آءِ ايم ايف اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري وڌيڪ وڌائن ۽ اينٽي مني لانڊرنگ قانون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني آهي. ياد رهي ته گذريل مهيني آءِ ايم ايف جي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو هو. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ڳالهيون اسلام آباد ۾ ٿيون هيون، جنهن دوران پاڪستان جي معيشت کي پيش ايندڙ چئلينجن جو جائزو ورتو ويو هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں