راجڪوٽ ٽيسٽ: ڀارت پاران 649 رنسن تي اننگ ڊڪليئر، ويسٽ انڊيز جا 94 رنسن تي 6 آئوٽ

0Shares

راجڪوٽ(اسپورٽس نيوز) راجڪوٽ ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن ڀارت 9 وڪيٽن جي نقصان تي 649 رنسون ٺاهي ٽيم ڊڪليئر ڪري ڇڏي، پرٿوي ويرات ڪوهلي ۽ رويندرا جديجا جون سينچريون، ويسٽ انڊيز جي ٽيم 94 رنسن تي 6 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون. ڀارت ٻئي ڏينهن پنهنجي نامڪمل اننگ جي شروعات 364 رنسن تان شروع ڪئي ته ويرات ڪوهلي 72 ۽ پينٽ 17 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا. پينٽ نروس نائينٽي جو شڪار ٿيندي 92 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، ڪپتان ويرات ڪوهلي 139 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي آئوٽ ٿيو. جڏهن ته رويندرا جديجا 100 رنسن جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي ته ڪپتان ويرات ڪوهلي 649 رنسن تي ٽيم ڊڪليئر ڪري ڇڏي. ويسٽ انڊيز طرفان بشو 4 وڪيٽون ورتيون. ويسٽ انڊيز ٽيم 94 رنسن تي 6 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون. محمد شامي 2، ايشون، جديجا ۽ يادو هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تي ويسٽ انڊيز جو پائل 13 رنسن سان ڪريز تي موجود هو. ڀارتي ٽيم کي 555 رنسن جي برتري حاصل آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں