گوادر ۾ آئل ريفائنري جي قيام لاءِ سعودي عرب سان معاهدي جي منظوري، سرڪاري ملڪيتن جي استعمال لاءِ ڪاميٽي قائم

0Shares

اسلام آباد  (بيورو)  وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽  سعودي ارب وچ ۾ اربين ڊالرن جي معاهدن جي منظوري ڏئي ڇڏي. گوادر   ۾ آئل ريفائنري قائم ڪرڻ  جي اجازت، اسحاق  ڊار کي مليل مقررين جا اختيار   غيرقانوني  قرار، سندس  دور ۾ مقرر ڪيلبئنڪن ۽ اٿارٽيز  جا سربراھ  برطرف، تفصيل موجب وفاقي ڪابينا گوادر  ۾ آئل ريفائنري  قائم ڪرڻ لاءِ سعودي عرب سان معاهدن جي منظوري ڏئي ڇڏي،  وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلالس ٿيو. جنهن  ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري، غلام سرور خان ۽ ٻين  وزيرن شرڪت ڪئي. ڪابينا  اسحاق ڊار کي مليل مقررين جا اختيار غيرقانوني قرار ڏيندي مختلف ادارنجي سربراهن  کي  برطرف ڪري ڇڏيو.  چئني  صوبن   ۾ 2467  سرڪاري ملڪيتن جي استعمال لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي. وزيراعظم هائوس  ۾ سينٽر  آف ايڪسيلينس قائم ڪرڻ لاءِ چارٽر به پيش  ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ وزير تعليم شفقت محمود جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نيلم جهلم هائيڊرو  پروجيڪٽ، نيو اسلام ايئرپورٽ ۽ اسٽيل مل جي منصوبن جي فرانزڪ آڊٽ ڪرائي ويندي. وفاقي ڪابينا اسحاق ڊار  جي دور ۾ ڀرتي ڪيل نيشنل بئنڪ، فرسٽ وومين  بئنڪ، زرعي  ترقياتي بئنڪ ۽ ايس  ايم اي  بئنڪ  جي صدرن کي برطرف  ڪري  ڇڏيو. برطرف ڪيلن ۾ سعيد احمد، طاهره رضا، طلعت حسين، احسان الحق، ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد، شمس الرحمان خواجه خليل، ڪامپيٽيشن ڪائونسل پاڪستان ۾ محمد سليم ۽ شهزاد اانصر ل کي بررف ڪيو ويو. وزيراعظم هائوس  ۾ يونيورسٽي جي قيام لاءِ شفقت محمود جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪاميٽي ۾ شيرين مزاري، عبدالرزاق، ڊاڪٽر عشرت حسينکي ميمبر طور شامل ڪيو ويو. سرڪاري عمارتنجي استعمال لاءِ پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي وئي وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران 6 نقاطي ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويو جنهن بعد ڪابينا ترڪي جي سهڪار سان نيشنل اسڪل يونيورسٽي جي معاهدي جي توثيق ڪئي. ذريعن موجب ڪابينا پاڪستان ۽ جاپان ۾ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ ايم ايم يوز ۽ مانٽري اينڊ فسڪل پاليسي بورڊ ۾ ممتاز معيشتدانن جي مقرري جي منظوري به ڏني وئي. ذريعن موجب مالياتي پاليسي بورڊ ۾ خانگي شعبي ۽ پرڏيهه ملڪ مان پاڪستاني ماهرن جي خدمت به وٺي سگهبي. ڪابينا ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪو ٽڪس فورس لاءِ به ميجر جنرل عارف جي مقرري جي به منظوري ڏني جڏهن ته ناڻي وفاقي واري وزير  اسد عمر کي اقتصادي شعبن ۾ مقررين جي اختيارين جي به منظوري ڏني وئي آهي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا کي 100 ڏينهن جي پلان جي هدف بابت آگاهه ڪيو ويو.  وزيراعظم جي هائوسنگ منصوبي بابت ٽاسڪ فورس شروعاتي قدمن بابت ڪابينا کي آگاهه ڪيو جڏهن ته وزيراعظم هلندڙ مهيني جي وچ ۾ 50 لک گهرن جي منصوبي جو افتتاح ڪندو. ان موقعي تي فواد چوڌري  چيو ته سعودي عرب وڏي پئماني تي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندو. پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ سعودي عرب دلچسپي جو اظهار  ڪيو  آهي. پاڪستان طرفان   پي ايس او ۽ سعودي عرب طرفان آرام ڪو معاهدي تي صحيحون ڪندا. گوادر  ۾ ائل ريفائنري  لاءِ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. سعودي عرب کي سائوٿ نارٿ  پائيپ لائين ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي آهي. گذريل حڪومت رڳو  ايل اين جي تي زور ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم هائوس جي  اضافي  ملازمن کي پول  ۾ موڪليو ويو ويو آهي.  گاڏيون وڪڻڻ  سان 18 ڪروڙ ۽ مينهون وڪڻڻ سان 3 لک رپيا مليا. هن چيو ته  مشاهد الله خان  13  ماڻهو پي آءِ اي ۾ ڀرتي ڪيا. چئني صوبن ۾ 2467  ملڪيتون هن جنهن جي استعمال رکي پرويز  خٽڪ جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙي آهي. هن چيو ته  سعودي عرب سان معاهدن   تي چين سان اختلافن جون خبرون بي بنياد آهن. چين طرفان ڪي به خدشا ظاهر نه ڪيا ويا آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں