ڀارت سان ڳالهيون هجن يا شڪيل آفريدي جو معاملو، ملڪي مفاد تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي: پرڏيهي ترجمان

0Shares

 اسلام آباد (بيورو)  پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ڳالهين لاءِ ڀارت کي نه پرچائي رهيا آهيون،  ڳالهين کانسواءِ ڪرتا پور سميت ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿا وڌائي سگهون. پرڏيهي آفيس ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر فيصل چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج 18 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو،  قابض فوج بانڊي پوره ۾ ڪيميائي هٿيارن جو استعمال ڪيو، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ڪيس جي فيبروري کان ٻڌڻي شروع ٿي رهي آهي، عالمي ٽياڪڙي عدالت ۾ اها ٻڌڻي مسلسل هلندي، ڪيس جي مڪمل تياري آهي جنهن کي عالمي عدالت ۾ به ڀرپور نموني وڙهنداسي . سندس چوڻ هو ته  پاڪستان پرامن پاڙيسري جي قائد اعظم محمد علي جناح جي نظريي تي يقين رکي ٿو، ڀارت سان ڳالهيون نه ٿيون آهن، ڪرتار پور سميت ڪنهن معاملي تي ڳالهيون نه ٿيون وڌي سگهن. سندس چوڻ هو ته ڳالهين لاءِ ڀارت کي پرچائي نه رهيا آهيون پر پهريون خط هنن ئي موڪليو هو. پرڏيهي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارتي پرڏيهي وزير جي طئي ٿيل ملاقات رد ٿيڻ تي اسان کي افسوس آهي، سشما سوراج ملاقات تي راضي هئي، پاڪستان اڃا به پرامن پاڙيسري جو خواهشمند آهي.  ڊاڪٽر فيصل چيو ته پرڏيهي وزير آمريڪي دوري دوران مختلف ملڪن جي سفيرن سان ملاقاتون ڪيون، عالمي بئنڪ جي سربراهه سان به مليو، هن سنڌ طاس ٺاهه ۽ تڪراري ڪشن گنگا ڊيم تي به ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته آمريڪا کي پنهنجي اصولي موقف کان آگاهه ڪيو آهي، پاڪستان قومي مفاد تي سوديبازي نه ڪندو، پرڏيهي وزير چيو ته ڪشميرين جي خواهشن موجب ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ گهرجي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته طالبان سان آمريڪا سڌيون ڳالهيون ڪري، خواهش هوندي ته ان ۾ ڪاميابي ملي، ڪنهن ٻئي ملڪ کي افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جو ذميوار قرار نه ڏيڻ گهرجي، ان معاملي تي سمورن ملڪن کي پنهنجو حصو وجهڻو پوندو. ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڊاڪٽر شڪيل آفريدي بابت پاڪستان جي موقف ۾ تبديلي نه آئي آهي، سي پيڪ معاملي تي چين سان رابطي ۾ آهيون، ٻئي ملڪ هڪ پيج تي آهن. هن چيو ته سي پيڪ ۾ سعودي عرب جي شموليت تي منصوبابندي ڪميشن جواب ڏئي سگهي ٿي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں