نئين پاڪستان جون دعوائون ڌوڙ! سرڪار عوام تي گئس بم ڪيرائي ڇڏيو

0Shares

اسلام آباد (بيورو) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي واهپيدارن لاءِ گئس 10 سيڪڙو کان 143 سيڪڙو تائين مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي ٺاهيندڙ ڪارخانن لاءِ گئس 57 سيڪڙو مهانگي ڪئي وئي آهي جڏهن ته عام صنعتن لاءِ گئس جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو في يونٽ اضافو ڪيو ويو آهي. نوٽفڪيشن موجب ڀاڻ سيڪٽر لاءِ گئس فيول طور 40 سيڪڙو في يونٽ مهانگي، جڏهن ته خام مال طور گئس 50 سيڪڙو في يونٽ مهانگي ڪئي وئي آهي. اوگرا سي اين جي سيڪٽر لاءِ به گئس 40 سيڪڙو في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي آهي. نوٽيفڪيشن موجب گئس اگهن ۾ واڌ 27 سيپٽمبر کان لاڳو ٿيندي. ماهوار 200 مڪعب ميٽر گئس استعمال تي في يونٽ 20 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ماهوار 300 مڪعب ميٽر گئس استعمال تي في يونٽ 25 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. اوگرا ماهوار 400 مڪعب ميٽر گئس جي استعمال تي 30 سيڪڙو في يونٽ، جڏهن ته ماهوار 500 مڪعب ميٽر ۽ ان کان وڌيڪ گئس استعمال تي 143 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. هوڏانهن سي اين جي ايسوسيئيسن چيئرمين غياث پراچا گئس اگهن ۾ واڌ کي عوام سان زيادتي قرار ڏيندي حڪومت کان پنهنجي فيصلي تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته نون گئس اگهن سان سي اين جي قيمت ۾ 15 رپيا في ڪلو اضافو ٿي سگهي ٿو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں