لياري گينگ وار جو “ ڊان” غفار ذڪري پوليس سان مقابلي ۾ معصوم پٽ ۽ ساٿي سميت مارجي ويو

0Shares

ڪراچي  (ڪرائيم  رپورٽر) ڪراچي ۾ اڍائي ڏهاڪن کان قتل ڀتي اغوا ۽ ٻين وڏن ڏوهن ۾ گهربل گينگ وار مک غفار ذڪري ننڍي پٽ ۽ ساٿي سميت/ مقابلي ۾ مارجي ويو تفصيل مطابق ڪراچي جي علائَقي لياري جي علي محمد پاڙي ۾ لياري گينگ وار جو مک ڏوهاري پوليس مقابلي ۾ پنهنجي ساٿي ۽ مک سميت مارجي ويو جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سب انسپيڪٽر ۽ اهڪ اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا ڊي آءِ جي ڏکڻ جاويد عالم اوڍو مطابق لياري جي علي محمد پاڙي ۾ ڳجهن ادارن جي اطلاع تي سيڪيورٽي ادارن سرچ آپريشن ڪيو سرچ آپريشن ۾ گينگ وار ڏوهارين پوليس تي فائرنگ ڪئي ۽ دستي بم سان پڻ حملو ڪيو ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ تائين پوليس مقابلو جاري رهيو مقابلي ۾ مارجي ويل غفار ذڪري قتل اغوا ۽ ڀتي جي اٽڪل 100 ڏوهن ۾ پوليس کي گهربل هو سنڌ حڪومت شهر جي امن لاءِ دهشت علامت سمجهيو ويندڙ غفار ذڪري تي 25 لک رپيا انعام رکيو هو غفار ذڪري سان مارجي ويل ساٿي جو نالو ڇوٽا زاهد عرف بجلي ٻڌايو ويو آهي جيڪو نه صرف غفار ذڪري جو ويجهو ساٿي هو پر هڪ اهم ڪمانڊر به هو جاويد اوڍو مطابق غفار ذڪري جي ڪيترن ڏينهن کان علي محمد پاڙي ۾ موجود هجڻ جا اطلاع هئا جنهن تي اربع ۽ خميس جي وچ واري رات پوليس رينجرز سان گڏ علائقي تي ڪڙو چاڙهيو ته جوابدارن فائرنگ ڪئي پوليس تي دستي بمن سان حملا ڪيا ان دوران ٻه ڏوهاري ۽ ٽن ورهين جو ٻارڙو مارجي ويو جڏهن ته پوليس سب انسپيڪٽر الهڏتو ۽ ڪانسٽيبل مير عابد علي زخمي ٿي پيا لاش ۽ زخمي اهلڪارن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي سب انسپيڪٽر الهه ڏتي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي کيس پيٽ ۾ گولي لڳي آهي جاويد اوڍو مطابق پوليس آپريشن رات هڪ وڳي شروع ٿيو ۽ چئن ڪلاڪن تائين جاري رهڻ کان پوءِ خميس جي صبح سوير 5 وڳي مڪمل ٿيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں