لاپتا ماڻهن بابت پوليس رپورٽون رد، ماڻهن وٽ ادارن لاءِ پٽن پاراتن کان سواءِ ڪجهه ناهي رهيو: هاءِ ڪورٽ

0Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ غائب ماڻهن جي بازيابي بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران پوليس جون رپورٽون غير تسليم بخش قرار ڏيئي ڇڏيون عدالت ڊي آءِ جي ويسٽ ايس ايس پي سي آءِ اي ۽ ٻين کي 8 نومبر تي گهرائي ورتو جڏهن ته جاچ لاءِ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي به معاونت ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي خميس تي ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي عدالت پوليس رپورٽن تي اعتماد نه ڪندي پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته جي آءِ ٽيز ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي باوجود نتيجو زيرو اچي ٿو جاچ آفيسر عدالت ۾ ٻڌايو ته اسان غائب شهرين کي بازياب ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون حساس ادارن ۽ ٻين صوبن کي به خط لکي ڇڏيا آهن جواب ناهي مليو جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته لڳي ٿو ته هي سلسلو قيامت تائين هلندو رهندو هاڻي ماڻهن وٽ ادارن کي بددعا ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي اسان غائب ماڻهن جي معاملي کي هلڪو نٿا وٺي سگهون اسٽريون ٽائپ پراڻي رپورٽس تي تاريخ مٽائي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو هاڻي ڪنهن پوليس آفيسر اسٽريو رپورٽ پيش ڪئي ته جيل موڪليو ويندو غائب ماڻهن جي معاملي کي خانه پوري ڪرڻ لاءِ نه پر سنجيدگي سان ڏسڻ گهرجي شاگرد علي رضا 12 سالن کان غائب آهي ڪنهن کي ڳڻتي نه آهي محمد علي جي ڪا خبر نه آهي جاچ آفيسر عدالت ۾ ٻڌايو ته غائب ٿيندڙ محمد علي ايم ڪيو ايم پي آءِ بي سيڪٽر ميمبر هو جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪير به هجي ڳولڻ حڪومت جي ذميواري هوندي آهي هاڻي اهڙي پريڪٽس نه هلندي ماڻهن غائب آهن ته کين ڳولڻو به پوندو پوليس وارا ڪم نه ڪندا، ايڊيشنل آءِ جي کي گهرائينداسين عدالت شهري مشتاق زهراڻي، فيصل امين، عدنان حميد، زبير شاهه ۽ ٻين جي گمشدگي تي اڳڀبرائي رپورٽ گهري ورتي عدالت ڊي آءِ جي ويسٽ، ايس ايس پي سي آءِ اي ۽ ٻين کي 8 نومبر تي طلب ڪري ورتو جڏهن ته جاچ لاءِ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي به معاونت ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں