ڪرشنا راج ڪپور جون آخري رسمون:سوشل ميڊيا تي عامر خان، ڪرن جوهر ۽ راني جي کلڻ تي سخت تنقيد

0Shares

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪار عامر خان، هدايتڪار ڪرن جوهر ۽ اداڪارا راني مکرجي تي رنبير ڪپور جي ڏاڏي ڪرشنا راج ڪپور جي آخري رسمن ۾ کلڻ تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.پهرين آڪٽوبر تي بالي ووڊ جي ليجننڊري اداڪار راج ڪپور جي گهرواري ڪرشنا راج ڪپور جو ديهانت ٿيو هو. ڪرشنا راج ڪپور، رشي ڪپور ۽ رنڌير ڪپور جي امڙ سان گڏوگڏ اداڪارا ڪرشما ڪپور، ڪرينا ڪپور ۽ رنبير ڪپور جي ڏاڏي پڻ هئي. رشي ڪپور جي امڙ جي آخري رسمن ۾ بالي ووڊ جي ناليوارين شخصيتن اميتاڀ بچن، عامر خان، سيف علي خان ۽ اڀيشيڪ بچن سيمت کوڙ اداڪارن ۽ هدايتڪارن شرڪت ڪئي. سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عامر خان، ڪرن جوهر، راني مکرجي ۽ هدايتڪار ڪاريان مکرجي خوشگوار موڊ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آهن. سوشل ميڊيا تي واهپيدارن اداڪارن کي ڪرشنا راج ڪپور جي آخري رسمن ۾ کلڻ ۽ مرڪڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. شميم نالي واهپيدار جو چوڻ آهي ته عامر خان مان اهڙي ڪنهن عمل جي اميد نه هئي جڏهن ته انجلي نالي عورت سوال ڪيو ته آهي ته راني مکرجي ۽ ڪرن جوهر آخري رسمن شرڪت ڪري رهيا آهن يا ڪنهن پارٽي ۾ ؟ روميت پانڊي نالي واهپيدار لکيو ته اداڪارن کي ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ها ته هو ڪنهن جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ آيا آهن. ياد رهي ته ڪرشنا راج ڪپور پهرين آڪٽوبر تي 87 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪيو هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں