حديقا ڪياني شادي جي آڇ ڪندڙن تي ڏمرجي پئي

0Shares

ڪراچي (شوبز نيوز) ناليواري ڳائڻي حديقا ڪياني شادي جي آڇ ڪندڙ مردن کي ست سريون ٻڌائيندي چيو آهي ته سنگل مائرن، بيواهه ۽ طلاقيل عورتن کي شرمندو ڪرڻ بند ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪوڙو پيار ۽ ڏيکاءُ ڪري عورتن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪيو. حديقا ڪياني سوشل ميڊيا تي شادي جي آڇ ڪندڙن جا پيغام جاري ڪندي لکيو ته دنيا اهو سمجهندي آهي ته مون جهڙيون سنگل مائرون جيڪي پنهنجي ٻار کي اڪيلي سر پالي رهيون آهن، اسان شادي لاءِ بيچين آهيون ۽ هڪ سنگل ماءُ ٻار کي اڪيلي سر نٿي پالي سگهي، تنهن ڪري اسان کي شادي ڪري ڇڏڻ گهرجي پر منهنجي خيال ۾ ڪنهن به ٻار کي پالڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي، اهو مون لاءِ اعزاز آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪي مرد مون جهڙي سنگل ماءُ سان شادي ڪرڻ چاهين ٿا، حقيقت ۾ اهي اندر جا خراب هوندا آهن ۽ فائدو حاصل ڪرڻ چاهيندا آهن. واضح رهي ته حديقا ڪياني 13 سال اڳ هڪ ٻار پاليو هو ۽ ان جي پرورش اڪيلي سر ڪري رهي آهي.27

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں