ڪاجول تنو شري دتا جي حق ۾ ميدان تي لهي پئي

0Shares

ممبئي( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪاراڪاجول به تنوشري دتا جي حق ميدان تي اچي وئي. هڪ خانگي ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏيندي اداڪارا ڪاجول چيو ته جنسي هراسان فلم انڊسٽري جي حقيقت آهي، ڪاجول فلم انڊسٽري ۾ جنسي طور هراسان ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته تنوشري دتا جيڪو ڪجهه به چيو آهي اهو سچ آهي، پر جنسي هرسان رڳو فلم انڊسٽري تائين محدود ناهي، نه رڳو عورتن پر مڙدن کي به جنسي هراساني جي نشانو بڻايو پيو وڃي. اداڪارا چيو ته بالي ووڊ ۾ سندس ڪيريئر گھڻو پراڻو آهي. پر کيس ڪڏهن به هراسان نه ڪيو ويو آهي. هن چيو جيڪڏهن هن سان جنسي هراسان جو ڪو واقعو پيش اچي ها ته ان خلاف هوءَ ضرور آواز اُٿاري ها. ڪاجول ” مي ٽو مهم“ لاءِ چيو ته هن مهم جو مطلب آهي ته اوهان پاڻ سان ٿيل نا انصافي خلاف آواز اُٿاريو ته جيئن ٻين ۾ به آواز اٿارڻ جي همٿ پيدا ٿئي. واضح رهي ته اداڪارا تنوشري دتا، نانا پاٽيڪر تي الزام مڙهيو هو ته 10 ورهيه اڳ هڪ فلم جي شوٽنگ دوران نانا پاٽيڪر کيس جنسي طور هرسان  ڪيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں