راجڪوٽ ٽيسٽ: ڀارت ويسٽ انڊيز خلاف 4 وڪيٽن جي نقصان تي 364 رنسون ٺاهي ورتيون

0Shares

راجڪوٽ(اسپورٽس نيوز) ڀارت ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن 4 وڪيٽن جي نقصان تي 364 رنسون ٺاهي ورتيون. ٽيسٽ ڊيبيو ڪندڙ پرٿوي جي بهترين سينچري. تفصيل موجب ڀارت ويسٽ انڊيز خلاف پهرينٽيسٽ ميچ ۾ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ڀارت طرفان ڊيبيو ڪندڙ اوپنر پرٿوي بهترين راند جو مظاهرو ڪندي 19 چوڪن جي مدد سان 154 بالن تي 134 رنسون ٺاهيون. جڏهن ته ڪي ايل راهل بنا کاتو کولڻ جي پويلين موٽي ويو، چتيشور پجارا 86 رنسن جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿيو، اجنڪيا رهاني 41 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو. ويسٽ انڊيز طرفان گيبرل، ليوس، بشو ۽ چيس هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ڏينهن جي پڄاڻي تي ڀارت 4 وڪيٽن جي نقصان تي 364 رنسون ٺاهي ورتيون. جڏهن ته عالمي نمبر ون بيٽسمين ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي 72 ۽ وڪيٽ ڪيپر پينٽ 17 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں