سعودي عرب کان روزانو 2 لک بيرل ڪچو تيل اوڌر تي وٺڻ جو فيصلو، پاڪستان باضابطا درخواست ڏئي ڇڏي

0Shares

اسلام آباد  (بيورو) پاڪستان پاران سعودي عرب  کان روزانه ٻه لک بيرل خام تيل  اوڌر تي وٺڻ جي باضابطه درخواست ڏئي  ڇڏي.  تفصيل  موجب پاڪستان جي دوري تي آيل سعودي عرب جي وفد  ۽ پاڪستاني اختيارين  وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿي ويو، پاڪستان سعودي عرب  کان اوڌر تي ٿيل گهري ورتو،  پاڪستان روزانو جي بنياد تي 2 لک بيرل ڪچو تيل  اوڌر تي  ڏيڻ جي درخواست ڏني جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته گهٽ ۾ گهٽ 90 ڏينهن لاءِ تيل  اوڌر تي ڏنو وڃي. جڏهن ته سعودي وفد پاڪستان جي توانائي واري شعبي  ۾ گهري دلچسپي  جو اظهار ڪيو،  پاڪستان پاران بجلي  پيداوار  ۽ فراهمي ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي. پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ مختلف  شعبن ۾ سهڪار اسٽريٽجڪ لاڳاپا وڌائڻ، سي پيڪ ۾ سيڙپڪاري تي اتفاق ڪيو ويو  وفاقي وزير  عمر ايوب   چيو ته سعودي عرب هر ڏکئي وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو.   وڌيڪ چيو ته  پاڪستان تيزي سان ترقي ڪرڻ وارو ملڪ بڻجي چڪو آهي جتي توانائي جي شعبي ۾ سرمائيڪاري جا زبردست موقعا آهن. عمر ايوب وڌيڪ چيو ته  پاڪستان ۾ بجلي  پيداوار،  بجلي پيداواري شعبن  ۾ پاڻي، شمسي توانائي ۽ هوا مان بجلي بنائڻ جا بهترين موقعا آهن. ٻئي طرف  سعودي وفد ناڻي واري وزير اسد عمر  سان به ملاقات ڪئي، ملاقات  ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اسد عمر چيو ته سعودي عرب هر ڏکئي وقت  ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں