پاڪ فوج پاران آپريشن ردالفساد جاري رکڻ جو فيصلو

0Shares

راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس دوران ملڪي سلامتي ۽ مضبوطي  وارن معاملن تي غور ڪيو ويو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب جنرل هيڊ ڪوارٽر ۾ آرمي چيف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ جيو اسٽريٽجڪ ۽ ملڪ ۾ جاري آپريشن ردالفساد تحت مضبوط آپريشنز جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. آءِ ايس پي آر موجب ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن طرفان ڪامياب دهشتگردي ٽوڙ آپريشنز مان حاصل ڪيل امن ۽ مضبوطي کي برقرار رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا محرم الحرام دوران سيڪيورٽي بهتر رکڻ تي ڳجهن ادارن ۽ فورسز جي ڪاڪردگي جي واکاڻ ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پنهنجي چين جي تمام ڪامياب دوري بابت به شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ آپريشن ردالفساد تحت آپريشنز کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں