ڀارت ڪا چالاڪي ڪئي ته پوري قوم گڏجي مقابلو ڪندي: شاهه محمود قريشي

0Shares

نيو يارڪ (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت جا سياستدان سياسي ضرورت جا قيدي آهن، ڪجهه شيون ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪيون وينديون آهن، جيڪڏهن ڀارت جا چالاڪي ڪئي ته سڄي قوم گڏجي مقابلو ڪندي، گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري پاڪستان ايندو ۽ ڀارت به ويندو، آمريڪا سان عافيه صديقي جي معاملي تي ويهي ڳالهائينداسين، اڳڀرائپ جي خواهش آهي، آمريڪي پرڏيهي وزير سان ملاقات ۾ کيس ٻڌايو ويندو ته پاڪستان جي فوج جي پويان سڄي قوم بيٺي آهي، جيڪڏهن ڀارت پاران ڪا صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ خطاب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته انساني حقن واري ڪميشن جي رپورٽ سان ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن جي حوالي سان سڄي دنيا ۽ عالمي اڳواڻن جون همدرديون ڪشميرين سان آهن، هن چيو ته هو واشنگٽن روانو ٿي رهيو آهي جتي هو پاڪ آمريڪا ٻه طرفي لاڳاپن جي حوالي سان مائيڪ پومپيو سان به ملاقات ڪندو، پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي 54 مختلف وفدن سان ملاقاتون ٿيون آهن جن ۾ 22 ٻه طرفي لاڳاپن جي حوالي سان جڏهن ته 6 ڏينهن ۾ 11 ملاقاتون مختلف ملڪن جي گڏيل وفدن سان ڪيون ويون آهن، هن دوري جي حُوالي سان ملحيه لوڌي پاران ورتل اپائن تي سندس ٿورا مڃيا ۽ پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعا جي خدمتن جو پڻ اعتراف ڪيو جيڪي ان دوري ۾ ساڻس گڏ هئي، پرڏيهي وزير چيو ته مون کي اهو ٻڌي خوشي ٿي ته گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي بهتر ڪردار کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، جڏهن ته عالمي سطح تي گڏيل قومن جي امن ڪاررواين ۾ پاڪستان جي فوج پاران شامل ٿيڻ تي خاص طور تي ساراهه ڪئي وڃي ٿي، هن چيو ته گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري پاڪستان کي گڏيل قومن جو هڪ اهم حصيدار ڏسڻ جو خواهشمند آهي، ان دوري سان ڀارتي حڪومت جي غير انسان روين تي عالمي ڌيان ڇڪائڻ جو موقعو مليو آهي ته ۽ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت کي خبردار ڪري ته پاڪستان خلاف ڪنهن قسم جي ڪارروائي جو نه سوچي، گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري ايندڙ هفتي ڀارت جو دورو ڪرڻ وارو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں