آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي هيليڪاپٽر تي ڀارتي چيڪ پوسٽ تان فائرنگ، خوف ۽ حراس

0Shares

 مظفرآباد (م ڊ) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فاروق حيدر جي هيليڪاپٽر تي ڀارتي چيڪ پوسٽ تان فائرنگ ڪئي وئي آهي.رپورٽن مطابق آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فاروق حيدر سول هيليڪاپٽر تي لائن آف ڪنٽرول سان لاڳاپيل پاڪستاني ڳوٺ تروڙي ۾ سفر ڪري رهيو هو، فاروق حيدر جو هيليڪاپٽر لائن آف ڪنٽرول تي طئي ٿيل حد کان معمول کان اڳتي هليو ويو، جنهن دوران هيليڪاپٽر تي ڀارتي چيڪ پوسٽ تان فائر ڪيو ويو. ايل او سي تي مقرر ٿيل ٻنهي ملڪن جي فوج پاران هڪٻئي کي هوائي حدن جي چرپر جو اطلاع ڏنو ويندو آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم به هوائي چرپر جو اڳواٽ اطلاع ڏنو هو جڏهن ته هيليڪاپٽر جو اڇو رنگ ظاهر ڪري ٿو ته اهو سول هيليڪاپٽر آهي.ٻئي طرف ڀارتي فوج ۽ ميڊيا پاڪستان خلاف اڳرائي جو جواز پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان مان ايندڙ اڇو هيليڪاپٽر ايل او سي پارڪ ڪري آيو، جنهن تي ڀارتي فوج پاران اڳين مورچن تان هلڪي فائرنگ ڪئي وئي. فائرنگ کانپوءِ هيليڪاپٽر واپس هليو ويو جنهن بابت ڀارتي فوج وڊيو به جاري ڪئي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں