ماڊل ٽائون سانحو: سپريم ڪورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

0Shares

لاهور (بيورو) سپريم ڪورٽ پاڪستان ماڊل ٽائون سانحي بابت دهشتگردي ٽوڙ عدالت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٻن ميمبرن واري بينچ موڪل جي ڏينهن به لاهور رجسٽري ۾ ماڊل ٽائون سانحي بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، پاڪستان عوامي تحريڪ جو اڳواڻ خرم نواز گنڊاپور عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت کي ٻڌايو ويو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ان جي اپيل رد ڪئي آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته فيصلي جي خلاف اپيل آئي ته ان کي ڏسنداسين، جڏهن ته سپريم ڪورٽ، دهشتگردي ٽوڙ عدالت کان ماڊل ٽائون سانحي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں