انوشڪا جي فلم سوئي ڌاڳا ٻن ڏينهن ۾ 20 ڪروڙ رپيا ڪمائي ورتا

0Shares

 ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما ۽ ورون ڌون جي فلم سوئي ڌاڳا ٻن ڏينهن ۾ 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو بزنس ڪري مداحن جون دليون کٽي ورتيون. ادڪارا انوشڪا شرما ۽ ورون ڌون جي فلم سوئي ڌاڳا فلمي مداحن کي وڻي وئي، فلم ريليز ٿيڻ جي پهرين ڏينهن 8 ڪروڙ 30 لک رپين جو بزنس ڪيو جڏهن ته ٻئي ڏينهن 12 ڪروڙ 25 لک رپيه ڪمائي گڏيل طور تي 20 ڪروڙ 55 لک رپين جو بزنس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي. ڀارتي تجزيه نگار ترن آدرش فلم جي تعريف ڪندي چيو آهي ته هفتي جي پڄاڻي تائين فلم 35 ڪروڙ کان وڌيڪ جو بزنس ڪري وٺندي. فلم سوئي ڌاڳا ۾ ورون ڌون ۽ انوشڪا شرما زال مڙس جو ڪردار ادا ڪيو آهي، فلم انوشڪا جو ڪردار گهريلو عورت جو آهي، جيڪا پنهنجي مڙس ورون ڌون کي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ ۽ زندگي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ سندس حوصلا افزائي ڪندي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں