تنوشري دتا اداڪارا پريانڪا چوپڙا کي موقعي پرست قرار ڏئي ڇڏيو

0Shares

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪارا تنوشري دتا پريانڪا چوپڙا کي چالاڪ ۽ موقعي پرست عورت قرار ڏئي ڇڏيو. اداڪارا تنوشري دتا طرفان نانا پاٽيڪر تي جنسي هراساني جا الزام لڳائڻ بعد اداڪارا پرينڪا چوپڙا، سونم ڪپور ۽ ٽوئنڪل کنا سميت کوڙ بالي ووڊ فنڪارن سندس حق ۾ ٽوئيٽ ڪيا هئا پر تنوشري دتا پنهنجي ئي حمايت ۾ آواز بلند ڪندڙ ادڪارا پريانڪا چوپڙا کي موقعي پرست ۽ چالاڪ قرار ڏئي ڇڏيو. رپورٽن موجب ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ تنوشري دتا چيو ته پريانڪا چوپڙا، منهنجو نالو کڻڻ کانسواءِ ٽوئيٽ ڪيو، منهنجو هڪ نالو آهي، هوءَ منهنجي نالو کڻي ٽوئيٽ ڪري پئي سگهي، پر هن ائين نه ڪيو، پريانڪا چوپڙا موقعي مان فائدو حاصل ڪيو آهي، هوءَ وڏي چالاڪ آهي. تنوشري دتا چيو ته پريانڪا صحيح وقت تي هڪ سٺو ڪم ڪيو آهي پر مان ماڻهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته منهنجو هڪ نالو آهي ۽ هڪ سچ آهي مان اهو سچ ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان پنهنجي لاءِ نه پر انهن ماڻهن لاءِ جيڪي اهڙين حالتن جو شڪار ٿي سگهن ٿا. ان سان گڏ ئي هن اداڪارا ۽ ليکڪا ٽوئنڪل کنا طرفان پنهنجي حق ۾ ڪيل ٽوئيٽ جي تعريف ڪندي چيو ته ٽوئنڪل منهنجي حق ۾ ٽوئيٽ ڪري بهادري جو ثبوت ڏنو آهي اهو ڄاڻيندي به ته سندس مڙس اڪشي ڪمار نانا پاٽيڪر سان گڏ فلم هائوس فل 4 ڪم ڪري رهيو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں