ڏکڻ آفريڪا پهرين ون ڊي ۾ زمبابوي کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

0Shares

ڪمبرلي(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا پهرين ون ڊي ۾ زمبابوي کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلوڪيو. زمبابوي پهريان بيٽنگ ڪندي 34.1 اوورن ۾ 117 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. ڪپتان مسڪدزا 25 ۽ چگمبرا 27 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. اين گڊي 8.1 اوورن ۾ 19 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون، ربادا، ڦهلڪويو ۽ عمران طاهر 2-2 ۽ ملڊر هڪ وڪيٽ ورتي. ڏکڻ آفريڪا 26.1 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو. وڪيٽ ڪيپر ڪلاسن 44 ۽ مارڪرم 27 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. اينگڊي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ڏکڻ آفريڪا ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں