قومي اسيمبلي ۾ڪالاباغ ڊيم خلاف احتجاج، سردار اختر مينگل پاران رٽائرڊ ججن ۽ جرنيلن جي ملڪيتن جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو

0Shares

 اسلام آباد (بيورو) بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ اختر مينگل چيو آهي ته جيستائين معاشي خودمختياري ۽ قرضن کان ڇوٽڪارو حاصل نٿو ٿئي ۽ پرڏيهي پاليسي جي جوڙجڪ عوامي نمائندا نه ڪندا ان وقت تائين اسان جي اقتصادي حالت بهتر نٿي ٿي سگهي، گئس جي قيمتن ۾ اضافي جو بار عام ماڻهو تي پوندو. قومي اسيمبلي ۾ ضمني مالياتي بل تي بحث ۾ حصو وٺندي سردار اختر مينگل چيو ته بجيٽ سدائين انگن جي هيرا ڦيري رهي آهي، حڪومت ان کي بهتر ٻڌائيندي آهي ۽ مخالف ڌر ان جي مخالفت ڪندي پئي اچي، مني مالياتي بل ۾ پي ايس ڊي پي جي ڪاپي فراهم ڪرڻ ضروري هئي. هن چيو ته مني بجيٽ ۾ سدائين عام ماڻهو تي بار وڌو ويندو آهي، اڄ جيڪڏهن گئس جي قيمت وڌائي آهي ته سڀاڻي ان جو اثر بجلي ۽ ٻين شعبن تي پوندو، اسان جي اقتصادي، پرڏيهي ۽ گهرو پاليسيون آزاد ۽ خودمختيار ناهن رهيون، جيستائين معاشي خودمختياري، قرضن کان ڇوٽڪارو نٿو ملي ۽ پرڏيهي پاليسي چونڊيل نمائندن جي هٿن سان نٿي ٺهي ان وقت تائين اسان مثبت معاشي پاليسيون نٿا بڻائي سگهون. هن چيو ته سي پيڪ ۾ گوادر جي حوالي سان جيڪي معاهدا ٿيا آهن انهن تي هن ايوان ۾ بحث ڪرايو وڃي، ڪيچ، پنجگور ۽ گوادر لاءِ ايران کان بجلي اچي رهي آهي پر اسان گوادر کي عالمي شهر بن بڻائي ڇڏيو آي، ڪالهه پسني ۾ هڪ عورت پاڻي نه ملڻ تي پاڻ تي تيل هاري باهه لڳائي ڇڏي آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ ننڍن ننڍن ڊيمن جي تعمير تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، بلوچستان ۾ بجلي جي ضرورت 1800 ميگاواٽ آهي جڏهن ته 600 ميگاواٽ فراهم ڪئي پئي وڃي، بلوچستان ۾ بجلي جي پهچ جون لائينون خراب ۽ پراڻيون آهن. هن چيو ته سينڊڪ پراجيڪٽ مان بلوچستان کي ڪو به فائدو ناهي ٿيو، اسان بلوچستان ۾ ڪينسر اسپتال جي تعمير جي تجويز پيش ڪئي هئي، بلوچستان ۾ گهڻي آهي، منهنجي وزيراعظم ۽ حڪومت کي گذارش آهي ته ان اسپتال جي قيام جو اعلان ڪيو وڃي، اسان به چاهيون ٿا ته اسان جا ٻار تعليم حاصل ڪري پنهنجي تقدير بدلائين. هن چيو ته سياستدان قبر تائين هڪٻئي جو پيڇو ناهن ڇڏيندا، آخر اسان ڪنهن کي هيٺيائون ڏيکارڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته رٽائرڊ ججن، جرنيلن ۽ بيورو ڪريٽس جي جائيدادن جي فهرست ايوانن ۾ پيش ڪئي وڃي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي پ پ جي ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي اڳ ۾ ئي کوٽ آهي ، ڪالاباغ ڊئم سان سنڌ مڪمل تباهه ٿي ويندي . قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت ۾ جاري آهي .اجلاس کي خطاب ڪندي نواب يوسف ٽالپر چيو ته  منهنجي پارٽي جي اڳواڻ پنهنجو ڪنڌ ڪپائي ڇڏيو پر ڪڏهن به يو ٽرن نه ورتو . سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي عوام دشمن مڙني منصوبن جي مخالفت ڪئي آهي . يوسف ٽالپر چيو ته سنڌ جون زمينون سڪي رهيون آهن ۽ هي ڊئم ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. قومي اسمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي خواجه آصف حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان سعودي عرب ويو ته پي ٽي آءِ وارن چيو ته هو 10 ارب کڻي آيو آهي، هاڻ  اها خبر نٿي پوي ته ته ارب الف سان هو يا عين سان .خواجه آصف چيو ته پاڪ-ڀارت پرڏيهي وزيرن جي ملاقات جي حوالي سان ڀارت جو انڪار پاڪستان لاءِ ڌچڪو لڳو ۽ سي پيڪ تي به شڪ شهبا پيدا ڪيا ويا . ن ليگي اڳواڻ چيو ته افغان مهاجرن کي پاسپورٽ ڏيڻ واري بيان کي بعد ۾ تجويز چيو ويو. . قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي ميمبر خواجا محمد آصف جي تقرير جو جواب ڏيندي ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته خواجا آصف ايوان ۾ اسد عمر جي خاندان کي نشانو بڻايو جيڪو افسوسناڪ آهي، خواجا آصف کي ياد ناهي ته جنرل عمر جي هڪ پٽ کي اڳوڻي حڪومت گورنر بڻايو هو، خواجا آصف جو اهو طرز عمل غلط آهي، ان جي لفظن کي رڪارڊ مان حذف ڪيو وڃي، اسان ان طرز عمل جو مظاهرو نٿا ڪرڻ چاهيون. هن چيو ته هن اسيمبلي کي ان ڳالهه تي شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته هاڻي هڪ پرڏيهي پاليسي ٺهي رهي آهي ۽ ان تي بحث به ٿي رهيو آهي، گذريل حڪومت چئن سالن تائين پرڏيهي وزير کي مقرر نه ڪيو ويو، ڪڏهن ڪڏهن ڪا قرارداد ايندي آهي ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ حڪومت ان کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيندي، هاڻي خواجا آصف کي ياد آيو ته پرڏيهي پاليسي تي ايوان ۾ بحث ڪرڻ گهرجي، پنج سال اڳ ان کي توفيق نه ٿي، ڊونلڊ ٽرمپ جڏهن پاڪستان جي حوالي سان بيان ڏنو ته حڪومت پاران کان ڪو جواب سامهون نه آيو، مسلم ليگ (ن) کي پنجن سالن کانپوءِ ياد آيو ته پرڏيهي پاليسي هجڻ گهرجي، ان تي مسلم ليگ (ن) کي مبارڪباد ڏيڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ جڏهن اسان عالمي معاهدن کي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي تجويز ڏني ته انهن کي ان وقت رد ڪيو ويو، ڪلڀوشن ياديو جي معاملي تي مارچ 2017ع ۾ حڪومت آءِ سي جي کي خط لکيو ته اسان توهان کي آزاداڻي جيورسڊڪشن نه ڏينداسين، خط هليو ويو، مشڪل سان مهينو گذريو هو ته ڀارت آءِ سي جي ۾ چيو ۽ اسان آءِ سي جي جي جيو رسڊڪشن قبول ڪري ورتي، اها هڪ غلطي هئي، ٻي غلطي اها ڪئي وئي ته اسان جي چوڻ باوجود متبادل جج جي مقرري نه ڪئي وئي، اسان ان تي اعتراض ڪيا پر ان جو ڪو به جواب نه آيو، اسان اهڙي ڪيس ۾ ڦاسي وياسين جنهن جي ضرورت نه هئي. هن چيو ته خواجا آصف ڪشمير جي ڳالهه به ڪئي آهي پر هو وساري ويٺو آهي ته جڏهن ميان محمد نواز شريف نريندر مودي جي حلف برداري تقريب ۾ ويو هو ته پهريون ڀيرو ائين ٿيو جڏهن وزيراعظم پاڪستان حريت ڪانفرنس جي وفد سان نه مليو، ڪشمير کي هن ڪهڙي اهميت ڏني آهي، اهو سڀني کي خبر آهي، اسان ڪيترن ئي سالن تائين پڇندا رهياسين ته ڪشمير ڪميٽي جي خرچن ۽ ڪاميابين جو ٻڌايو وڃي، گذريل حڪومت جي ڪا به پرڏيهي پاليسي نه هئي، وزيراعظم عمران خان جيڪا پرڏيهي پاليسي ٺاهي آهي اها عملي آهي، وزيراعظم سعودي عرب ۽ يو اي اي جو دورو ڪيو، اهو دورو ڪامياب رهيو. وزيراعظم واضح ڪيو ته اسان مسلم ملڪن جي جنگين ۾ نه پونداسين ۽ انهن جي تڪرارن کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، اهڙي طرح ايران جي پرڏيهي وزير جو دورو به اهميت رکندڙ هو، ان دوري دوران ايران ۾ پاڪستاني قيدين جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ايران کي پيغام موڪليو ته اسان پاڪستاني قيدين جا مسئلا حل ڪنداسين، ان سان واضح آهي ته دنيا هاڻي اسان کي اهميت ڏئي رهي آهي. هن چيو ته پهريون ڀيرو برطانوي حڪومت مني لانڊرنگ ۽ منظم ڏوهن جي مسئلن تي اسان سان تعاون ڪيو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ بدانتظامي جي ڳالهه به ٿي آهي ان حوالي سان ان کان پڇيو وڃي جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪراچي ۾ اقتدار ۾ هئا. هن چيو ته بنگالي ۽ بهارين جي شهريت جو مسئلو تمام پراڻو آهي، ڪنهن ۾ همت نه هئي ته ان معاملي کي حل ڪن، اسان سڀني سياسي پارٽين کي چيو ته هو مشاورت ڪري ان معاملي کي حل ڪن. هن چيو ته اهي پاڪستاني جيڪي پاڪستاني شهري آهن ۽ جن کي شهريت ناهي ملي اسان انهن کي ڪنهن بنياد تي پاڪستاني نٿا مڃون، پناهگيرن جي معاملي تي جلدي ئي ايوان ۾ اسان ان تي ڊيٽا فراهم ڪنداسين. هن چيو ته خواجا آصف ڊيمن تي به ڳالهه ڪئي آهي پاڻي جي مسئلي تي پنجن سالن ۾ اهي ماڻهو جواب تائين نه ڏيندا هئا، اڄ انهن کي پاڻي جو به اشو ياد اچي ويو، مخالف ڌر کي  جيڪڏهن هر مسئلي تي سياست ڪرڻي آهي ته کيڏي وٺي، اسان به تيار آهيون، پر جيڪڏهن سنجيدگي ڏيکارڻي آهي ته اچو ته گڏجي ويهون پر خدارا ماڻهن جي خاندان تي حملا نه ڪريو. هن چيو ته مينگل صاحب سٺي تقرير ڪئي آهي، ماضي جي حڪومتن بلوچستان جا مسئلا حل نه ڪيا، اتي استحصال ٿيندو رهيو، اسان جو ويزن ۽ ارادو آهي ته بلوچستان ۽ گوادر جي ترقي جا ثمر عام بلوچ تائين پهچندا، اسان جي حڪومت جي ذميداري آهي ته بلوچستان ۾ ترقي جي عمل کي اڳتي وڌايون، بلوچستان جي ترقي ۽ مسئلن جي حل لاءِ ٻاهر ويهي ڪري فيصلا نه ڪنداسين، بلوچن کي شيئر ڏينداسين. هن چيو ته اختر مينگل جن سياسي مسئلن جو ذڪر ڪيو آهي انهن کي حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين، گم ٿيل ماڻهن جي معاملي کي اتفاق راءِ سان حل ڪنداسين، اسان جي حڪومت جي اها پاليسي آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں