اسلام آباد(بيورو) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت غلط پاليسين جي ڪري ملڪ کي تباهي ڏانهن ڌڪي رهي آهي. اسلام آباد ۾ نوابزاده نصر الله خان جي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته نواب صاحب جي سڄي زندگي جمهوريت جي لاءِ هر حڪومت جي خلاف مخالف ڌر رهي، سندس زندگي جمهوريت پسندن لاءِ سبق آهي. هن چيو ته ملڪ هڪ من پسند سليڪٽيڊ حڪومت جي حوالي ڪيو ويو، سليڪٽيڊ وزير اعظم اهڙيون حالتون پيدا ڪري رهيون جو هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ ڏکيائيون پيدا ٿي رهيون آهن. هن چيو ته خان صاحب پاڻ وڃڻ بدران پنهنجي پرڏيهي وزير کي گڏيل قومن ۾ موڪليو، ٻڌائڻو پوندو ته ڪشمير جو مسئلو اٿارڻ لاءِ وزير اعظم پاڻ گڏيل قومن ۾ ڇو نه ويو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته رڳو سوشل ميڊيا تي پرڏيهي پاليسي جا بيان جاري ٿي رهيا آهن، خدا جي واسطي پرڏيهي پاليسي جهڙي اهم شعبي کي مذاق نه بڻايو. هن چيو ته ڪشڪول ٽوڙڻ جي دعويٰ ڪندڙن ڪشڪول هٿ ۾ کڻي پنهنجي دور جي شروعات ڪئي پر هي ملڪ چندي تي نٿو هلي سگهي. هن چيو ته عوام سوال ڪري رهيو آهي ته نئين پاڪستان ۽ حڪومت ۾ به ڪنٽرولڊ جمهوريت ته ناهي؟ چيئرمين بلاول چيو ته اليڪشن کان پوءِ پهرين تقرير ۾ دهشتگتدي جي واقعن جي جاچ جو مطالبو ڪيو پر اڄ به دهشتگردي جا متاثر انصاف جي انتظار ۾ آهن. شڪايت آهي ته نه شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي انصاف مليو ۽ نه ئي شهيد بينظير ڀٽو کي انصاف مليو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشتو ٽوڙڻ جي ڳالههڪندڙن چندو گهرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ملڪ چندي سان هلي نٿو سگهي، غيرجمهوري دور ۾ عدالتن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو، آصف زرداري خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهيا پيا وڃن، 30 سالن کان آصف زرداري عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيو آهي پ پ جلاءُ گهراءُ جي سياست نٿي چاهي عوام ڀڇي ٿو ته نئين پاڪستان ۾ ڪنٽرول جمهوريت ته ناهي، هن چيو ته مني بجيٽ جي نالي تي عوام کي مهانگائي جي بار هيٺيان دٻيو ويو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟