سنڌ اسيمبلي ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف حڪومتي ميمبرن جو احتجاج، عمران خان کي وزيراعظم مڃڻ کان انڪار

0Shares

ڪراچي (رپورٽ: منصور کوکر) سنڌاسيمبلي جي ايوان ۾ مخالف ڌرکي ڪراچي ۾ ٻارڙن جي اغوائن ۽ قتل بابت آواز اٿارڻ تي اسپيڪر طرفان ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيڻ خلاف ميمبرن جواحتجاج،جڏهن ته بجيٽ جي ٽئين ڏينهن تي ميمبرن پاران بجيٽ تي گهٽ ۽سياسي تقريرن تي زور ڏنو. تفصيل موجبسنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مالي سال 2018 -19 جي نون مهينن جي بجيٽ تي عام بحث ۾ حصو وٺندي پ پ ايم پي اي پروين قائمخاني چيو ته آصف علي زرداري تي تنقيد ڪندڙ  جتوئي آمريت جي پيداوار آهن، جتوئي ۽ ان جا چمچا ٻڌي وٺن، هن چيو ته پراڻي سانگهڙ ۽ هاڻوڪي سانگهڙ ۾ فرق آهي، هاڻي ترقياتي ڪم ٿيا آهن، اڳ ته حالت اها هئي جو عورتون ٻارن کي ڊيڄاري چونديون هيون ته سمهي رهو نه ته وريام فقير ٿو اچي، ان تي جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن سيٽن تي اٿي بيهي احتجاج ڪيو ۽ اسپيڪر کان مطالبو ڪيو ته پروين قائمخاني کي ڳالهائڻ کان روڪي کيس ادا ڪيل لفظ واپس وٺڻ لاءِ چيو وڃي، ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري ميمبرن کي هدايتون ڪندي رهي ته هو ويهي رهن پنهنجي  بحث دوران جواب ڏين پر مخالف ڌر جا ميمبر خاموش نه ٿيا ۽ احتجاج ڪندا رهيا، مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم مداخلت ڪندي اسپيڪر کي درخواست ڪئي ته سرڪاري ميمبر کي هاڻي وڌيڪ تقرير کان روڪيو وڃي، ان بعد اسپيڪر آغا سراج دراني سيٽ سنڀالي ۽ پروين قائمخاني کي بحث سهيڙڻ لاءِ چئي ڪارروائي کي اڳتي وڌايو. ان بعد پ پ ايم پي اي ذوالفقار شاهه عمران خان کي سليڪٽ وزيراعظم ڪوٺيو، ته  مخالف ڌر احتجاج ڪيو، پي ٽي آءِ ۽ پ پ ميمبر  سيٽن تان اٿي بيهي هڪٻئي خلاف جملي بازي ۽ احتجاج ڪندا رهيا ان ڪري ڪارروائي ٿوري دير لاءِ متاثر ٿي وئي، اسپيڪر هائوس کي آرڊر ۾ آندو ان بعد ذوالفقار شاهه ٻيهر تقرير ڪندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي حامي کي وزيراعظم نه مڃينداسين، هن سنڌسرڪار کان مطالبو ڪيو ته سنڌڙي ۽ شجاع آباد جي واهن جي لائننگ ڪرائي وڃي.پ پ جي ايم پي اي سيد اويس قادر شاهه وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت گاڏيون وڪڻي ، مينهون وڪڻي يا وري کير پر سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ تحت حصي جي رقم ڏئي، رقم نه ملڻ سان ترقي متاثر ٿئي ٿي، شايد وفاقي حڪومت هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ نه پر ملازمن کي نيڪالي جو اعلان ڪيو آهي، ريڊيو پاڪستان ۽ يوٽلٽي اسٽور به وڪرو ڪيا پيا وڃن، خدا نه ڪري هي اسيمبلين جو نه سودو ڪن، هن چيو ته نظام ۾ پاڻي نه آهي ته پوءِ ڊيمن جي ڪهڙي ضرورت آهي، جيڪي به چندو گڏ ڪري ٺاهيا پيا وڃن، هن چيوته بلوچستان جي جبلن کان ايندڙ پاڻي سان سنڌ کي ٿيندڙ نقصان بابت ڪنهن سوچيو آهي، ڊيم ٺاهڻ بدران واهن ۽ ڪئنالن جي لائننگ ڪئي وڃي ان سان ڊيمن کان وڌيڪ پاڻي بچائي وينداسين، هن چيو ته سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي قرارداد پاس ڪئي، بدقسمتي آهي جو اسان کي غداري ڪيس جي ڌمڪي ڏني پئي وڃي، سنڌ ۾ رهندڙن کي ٽئين درجي جو شهري ڇو ٿو سمجهيو وڃي، هن چيو ته سنڌ سدائين قربانيون ڏنيون  آهن، پاڻي جي مسئلي تي اڳوڻي حڪومت ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ وفاقي وزير ڇاڪيو هو، هاڻي سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين، پاڻي ۽ ٻيا حق ڦٻائڻ نه ڏينداسين،هن چيو ته وزيراعظم اعلان ته ڪري ٿو پر کيس اها به خبر ناهي ته ملڪ ۾ ڪيترا غيرقانوني پرڏيهي موجود آهن، جيڪڏهن وزيراعظم غيرقانوني پرڏيهين کي ترسائڻ چاهي ٿو ته پهرين انهن جي ڳڻپ ڪرائي پوءِ اڍائي اڍائي لک جي حساب سان چئني صوبن ۾ غيرقانوني پرڏيهين ترسايو وڃي، هن چيو ته وفاقي حڪومت اهڙو قدم نه کڻي جو روڊن تي کين نڪرڻ ۾ مشڪل ٿئي، هن  چيو ته پ پ تي تنقيد ڪندڙ شايد گهرن کان ٻاهر نه ٿا نڪرن، جيڪڏهن نڪرن ٿا ته ڪجهه نه ڏسڻ واريون عينڪون پائي نڪرن ٿا، ميڊيا به ايوان کي مڇي مارڪيٽ لکڻ کان پاسو ڪري ته بهتر ٿيندو، هن چيو ته لاڙڪاڻو جيالن جو آهي، مخالف ڌر وارن کي چوان ٿو ته خلائي مخلوق کان نه ڊڄو صر ف الله کان ڊڄو،ان کان اڳ مير طارق ٽالپر، اسلم ابڙو، باسط، جمال صديقي، راڻا حمير سنگه، نديم صديقي، سعيد آفريدي، علي غلام نظاماڻي، ناهيد انصاري، ممتاز چانڊيو، علي خورشيدي، ۽ رفيق ٻانڀڻ بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته عوام کي صحت، تعليم، روڊن سميت بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن.جنهن بعد اسپيڪر اجلاس اڄ صبح تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف پاڪستان ۾ مقرر يورپي يونين جي سفير جين فرانسوس ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج خان دراني سان سندس آفيس سنڌ اسيمبلي ۾ ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آغا سراج دراني يورني يونين جي سفير ۽ فرسٽ قونصلر فرانگ اوليور کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي ۽ سنڌ جي روايتي اجرڪ ۽ ٽوپي تحفي طور پيش ڪئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں