ماڊل ٽائون سانحو: شريف ڀائرن سميت 12 ڄڻن جي طلبي واري درخواست رد

0Shares

لاهور (بيورو) لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل بئنچ ماڊل ٽائون سانحي ڪيس ۾ شريف ڀائرن سميت 12 شخصيتن کي طلب ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. جسٽس محمد قاسم خان جي سربراهي ۾ ٽه رڪني فل بئنچ منهاج القران جي جوادحامد جي درخواست تي محفوط ڪيل فيصلو ٻڌايو. عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف، پنجاب جي قانون واري اڳوڻِي وزير راڻا ثناءَ الله  ۽ حمزا شهباز جي طلبي واري درخواست رد ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ خواجا سعد رفيق، پرويز رشيد، عابد شير علي، خواجا آصف، چوڌري نثار، ميجر(ر) اعظم ۽ ڊاڪٽر توقير شاهه جي طلبي جي استدعا به رد ڪري ڇڏي. عدالت پنجاب جي اڳوڻي آءِ جي مشتاق سکيرا جي طلبي واري نوٽيس کي ڪالعدم قرار ڏيندي درخواست رد ڪندي کيس ٽرائل ڪورٽ اڳيان پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي. جسٽس قاسم خان مشتاق سکيرا جي فيصلي ۾ اضافي نوٽ به شامل ڪيو. ياد رهي ته منهاج القران جي جواد حامد جي درخواست تي ڌرين جي وڪيلن جي دليلن مڪمل ٿيڻ بعد عدالت 27 جون تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جڏهن ته اڳوڻي آءِ جي پنجاب مشتاق سکيرا دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ طلبي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں