بنگلاديش جو پاڪستان کي شڪست . پاڪستان کي ٽورنامڻ مان ڪڍي ڇڏيو.

0Shares

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ سپر فور مرحلي جي آخري ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم پاڪستان کي ٽورنامڻ مان ڪڍي ڇڏيو. پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 240 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. ابو ظهبي ۾ ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي بنگلاديش جي ٽيم 48.4 اوورن ۾ 239 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. مشفق الرحيم 99 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ هڪ رنس جي فرق سان سينچري اسڪور نه ڪري سگهيو، جڏهن ته محمد مٿن 60 رنسون ٺاهي اڳڀرو رهيو. محمود الله 25، ڪپتان مشرفي مرتضيٰ 13، مهدي حسن ميراز 12 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان جنيد خان 4، شاهين آفريدي ۽ حسن علي 2-2، جڏهن ته شاداب خان هڪ وڪيٽ ورتي. خبر ختم ٿيڻ تائين پاڪستان 34 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 130 رنسون ٺاهي چڪو، امام الحق 56 ۽ آصف علي 23 رنسن سان ڪريز تي موجود.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں