اداڪارا تنوشري دتا جو نانا پاٽيڪر تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام

0Shares

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪارا تنوشري دتا انڪشاف ڪيو آهي ته اداڪارا نانا پاٽيڪر کيس ماضي ۾ هڪ گيت جي عڪسبندي دوران جنسي طور هراسان ڪيو هو. اداڪارا ڀارتي ميڊيا کي هڪ انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته هوءَ 2008 ۾ هڪ فلم جي شوٽنگ تي موجود هئي جنهن ۾ نانا پاٽيڪر به شامل هو. هن ٻڌايو ته هوءَ نالو کڻي ٻڌائڻ چاهي ٿي ته نانا پاٽيڪر فلم جي شوٽنگ جي پهرين ئي ڏينهن ساڻس غلط طريقي سان پيش آيو هو، ايسيتائين جو منهنجي سولو گيت جي عڪسبندي وقت به هن گڏ رقص ڪرڻ جي شرط رکي. تنوشري دتا انٽرويو دوران ٻڌايو ته نانا پاٽيڪر زورزبردستي ڪري ساڻس ڊانس ڪئي جنهن جي شڪايت هن فلم جي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر سان به ڪئي پر ٻنهي ان ڳالهه تي ڪن نه ڏنو.اداڪارا  جو اهو به چوڻ هو ته نانا پاٽيڪر ٻين اداڪارائون کي به هراسان ڪري چڪو آهي ۽ ساڻن غيراخلاقي طريقي سان به پيش اچي چڪو آهي.تنوشري دتا جو چوڻ هو ته نانا پاٽيڪر جي اصليت کان سڀ واقف آهن پر ڪنهن ۾ ايتري طاقت ناهي جو هو سندس اصل سڃاڻپ سڀني جي اڳيان آڻي، هو جڏهن به ڪنهن نئين اداڪارا کي ڏسندو آهي تڏهن اخلاقيات جون حدون وساري ڇڏيندو آهي. سندس چوڻ هو ته مي ٽو مهم ڪڏهن به بالي ووڊ تائين نٿي پهچي سگهي، ڇاڪاڻ ته هتي اداڪارائون کي جنسي طور تي هراسان ڪيو ويندو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں