معاشي حالتن جو ڏوهاري اسحاق ڊار آهي، چندي تي ملڪ نه هلايون ته عقل جا انڌا اسان کي اڳتي وڌڻ جو رستو ٻڌائين: فواد چوڌري

1Shares

اسلام آباد (بيورو) سڌسماءَ جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسان جي حڪومت جي هڪ مهيني جي ڪارڪردگي اڳوڻي حڪومت جي هڪ سال جي ڪارڪردگي کان بهتر آهي اسان کي چيو پيو وڃي ته چندي تي ملڪ نه هلايو ته عقل جا انڌا اسان کي اڳتي وڌڻ جو رستو ٻڌائين اڳوڻين حڪومتن چندن کان سواءِ ٻيو ڪو طريقو ڇڏيو ئي نه آهي معيشت جي صورتحال جو ذميوار اسحاق ڊار ۽ ڪمپني آهي اڳوڻي دور ۾ مهانگا قرض وٺي کيڏڻ لاءِ رانديڪا ٺاهيا ويا پنجاب ۾ ميٽرو لڳائي ويئي ۽ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير رڳو 10 سالن ۾ 110 کرب رپيا خرچ ڪيا اورنج ٽرين کي پٽڙي تي رکڻ لاءِ هر سال 20 ارب رپين جي ضرورت پوندي ريڊيو پاڪستان ۾ 700 ماڻهو ڪانٽريٽ تي ڀرتي ڪيا ويا پگهارن ۽ مستقل ملازمن جي پگهارن جا پئسا نه آهن خزاني ۾ پئسا نه آهي ته ڇا وڌيڪ قرض وٺون. وري ٻاهر وڃون ۽ قرض گهرون نويد قمر ليڊر آف اپوزيشن جي چارٽر آف اڪانامي جي حوالي سان سٺي صلاح ڏني آهي ان کي ضرور اڳيان وڌڻ گهرجي اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ ضمني مالياتي بل تي بحث ڪندي چوڌري فواد حسين پنهنجي تقرير جي شروعات هڪ ڪتاب مان ڪندي چيو ته هن ڪتاب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙِ طرح هڪ امپائر ٽين دنيا لاءِ اقتصادي نظام جوڙي ٿو جڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني جو سفير  مغل بادشاهه اڪبر جي درٻار ۾ آيو هو ته ان وٽ هڪ پورو اقتصادي منصوبو موجود هو ته ڪهڙي طرح هندستان جي وسيلن تي قابض ٿيڻو آهي بلڪل اهڙي طرح جڏهن 2013 ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آئي هئي ته ان وٽ به ملڪ کي قرضن جي ڄار ۾ ڦاسائڻ جو مڪمل ايجنڊا موجود هو هن تجربي ڪارن جڏهن حڪومت سنڀالي ته انهن پاڪستانين سان اهو ڪيو جيڪو ايسٽ انڊيا ڪمپني هندستان ۾ ڪيو هو (ن) ليگ جي حڪومت پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته اسان جا ٻارڙا ۽ انهن جا ٻارڙا قرض ادا ڪندا وڃن ان جهڙي طرح جي حڪومت ڪئي آهي اها پوري قوم آڏو آهي بجيٽ خسارو 7.2 سيڪڙو هو اسان جا خرچ 2780 ارب رپين کان وڌيڪ هئا جڏهن ته مسلم ليگ جي دور حڪومت ۾ حسابن جي خساري ۾ پنج سيڪڙو واڌ ٿي مٽا سٽا جا ذخيرا جيڪي ملڪي اقتصاديات لاءِ ڪرنگهي جي حيثيت رکن ٿا انهن جي حالت سڀني جي آڏو آهي هن وقت اسان وٽ ڏيڍ مهيني جا ناڻي جا ذخيرا آهن هي اهي حالتون هيون جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت اقتدار سنڀاليو آهي 2008 ۾ پ پ پ جي حڪومت قرضن جو حجم 6 ٽريلن رپيا هو 2013 ۾ هي 13 ٽريلن هئا گذرجمرون ۽ ارسطو جي حڪومت جڏهن ختم ٿي ته قرضن جو حجم 28 ٽريلين تائين پهچي چڪو آهي ڇا ان جي ذميوار 28 ڏينهن جي حڪومت يا اهي ماڻهو آهن جن ملڪ کي قرضن جي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيو هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت قرضن کي ان سطح تائين پهچائي ڇڏيو جنهن سبب ملڪ مسئلن ۾ ڦاسي پيو ان پاليسي جي نتيجي ۾ ڪجهه ماڻهو ارب پتي ٿي ويا اهڙن ماڻهن ايون فيلڊ ۾ گهر ٺاهي ورتا هن چيو ته پاڪستان جي اقتصادي مسئلن جو ذميوار اسحاق ڊار اينڊ ڪمپني آهي جنهن کي نوازشريف جي مڪمل حمايت هئي اسحاق ڊار عدالتن کي گهربل هو ان جي باوجود کيس ٻاهر موڪليو ويو ۽ هاڻي هو نه پيو اچي وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت قرض وٺي راند لاءِ رانديڪا ٺاهيا پنجاب ۾ ميٽرو ٺاهي ويئي 10 سالن ۾ شهبازشريف 11 ٽريلن رپيا خرچ ڪيا آهن اڄ اسلام آباد لاهور ۽ ملتان ۾ ميٽرو بس ٺهي رهي آهي پنجاب حڪومت کي اهي بسون هلائڻ لاءِ 8 ارب رپيا گهرجن اورنج ٽرين لائين تي 300 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا پر اهي پئسا اسان جي ايندڙ نسل ادا ڪندو ميٽرو ٽريل هلائڻ لاءِ ساليانه 20 ارب رپيا گهربل آهن. هن چيو ته سارڪ ڪانفرنس لاءِ 98 ڪروڙ رقم مان 33 قيمتي گاڏيون خريد ڪيون ويون جيتوڻيڪ هي ڪانفرنس ڪوٺائي به نه ويئي انهن گاڏين تي 33 ڪروڙ رپيا مرمت جي مد ۾ خرچ ٿيا ان جي باوجود به تنقيد ڪئي پئي وڃي ته گاڏيون نيلام نه ڪريو وزيراعظم عمران خان هن وقت تائين جيڪي اپاءُ ورتا آهن ماضي جي ڪنهن وزيراعظم اهڙو مظاهرو ناهي ڪيو وزيراعظم 1100 ڪنال جو وزيراعظم هائوس ڇڏي ٽن بيڊ روم جي اسٽاف ڪالوني ۾ رهائش ڪري ٿو ماضي ۾ نوازشريف ٿر ۾ به هوائي اڏي جو افتتاح ڪيو جتي آبادي آهي ئي ڪونه اهڙِ طرح بنو جي دوري تي هن هوائي اڏي جو اعلان ڪيو هوائي اڏي ۽ موٽر ويز جا اعلان هن اهڙي طرح ڪيا جيئن اسٽرپ سلز جون گوريون ورهايون وڃن هن چيو ته تنقيد ڪندڙن جي حڪومت وٽ ڪائي اقتصادي سوچ نه هئي ۽ نه ئي ڪا سوچ هئي جنهن کاتي ۾ به اوهان وڃو ته اڳيان چيو وڃي ٿو ته هي مسلم ليگ (ن) جا ورڪر آهن آفيس نٿا اچن هڪ هڪ ڪٽنب جا 7-7 ماڻهو ڀرتي آهن هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي سوچ مطابق تحريڪ انصاف جي حڪومت عوام سان جنهن انقلاب ۽ تبديلي جو واعدو ڪيو ويو اهو پورو ڪيو ويو. اڄوڪي معاشي حالتن جو سڀ کان وڏو ڏوهاري اسحاق ڊار آهي. ٻئي طرف پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر چيو آهي ته هينئر تائين جيڪي قدم کنيا ويا آهن، انهن سان مهانگائي ۾ اضافو ٿيندو، نمائشي قدمن بدران عملي قدم کنيا وڃن. قومي اسيمبلي ۾ سيد نويد قمر ضمني مالياتي بل تي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته هڪ طرف اسان معيشت کي دستاويز بڻائڻ جي ڳالهه ڪندا آهيون ۽ روز ان جي باري ۾ بيان به ڏيندا رهندا آهيون پر پاليسي هدايتون انهن بيانن جي ابتڙ آهن، فائلرز ۽ نان فائلرز جي وچ ۾ فرق ختم ڪري حڪومت ٻنهي کي برابر قرار ڏنو آهي، ان بدران حڪومت بانڊز جاري ڪري سگهي پئي. هن چيو ته عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ جي نالي تي گئس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو، سردي جي موسم اچي رهي آهي ۽ گئس جي استعمال ۾ اضافي سان عام صارفين جي ماهوار بل به وڌيڪ بار پوندو. هن چيو ته مهانگائي ۽ ناڻي واڌ ٽيڪس جي بدترين شڪل آهي ۽ هينئر تائين جيڪي قدم کنيا آهن ان سان مهانگائي ۾ اضافو ٿيندو. سيد نويد قمر چيو ته آمدني واپار ۽ روانگي واپار ۾ نمايان فرق سان به عام ماڻهو متاثر ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن آءِ ايم ايف طرف وڃڻو آهي ته قوم کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، هن ايوان کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ۽ اسان کي ٻڌايو وڃي ته ڪٿي ڪنهن ٻي جي جنگ ۾ ته اسان شامل نه ٿي رهيا آهيون، ٻه سيڪڙو خسارو گهٽائڻ لاءِ 90 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، جيتوڻيڪ ان تي 880 روپين جا خرچ اچي ويندا آهن، جيڪڏهن ديامر ڀاشا ڊيم ٺهڻو آهي ته ان لاءِ پي ايس ڊي پي ۾ رقم مختص ڪرڻ گهرجي. سيد نويد قمر چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ موجوده حڪومت به زراعت جي شعبي لاءِ عملي قدم ناهن کنيا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نمائشي قدمن بدران عملي قدم کنيا وڃن. هن چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ پاران ميثاق معيشت جي آڇ جو حڪومت کي سنجيدگي سان جواب ڏيڻ گهرجي. ٻئي طرف قومي اسيمبلي پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي آرڊيننس 2018) وڌيڪ 120 ڏينهن لاءِ واڌ ڏيڻ جو ٺهراءُ منطور ڪري ورتو آهي اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ سڌسماءِ جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٺهراءُ پيش ڪيو ته قومي اسيمبلي پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ترميمي آرڊيننس 2018 جي 4 آڪٽوبر 2018 کان وڌيڪ 120 ڏينهن لاءِ واڌ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ٿي قومي اسيمبلي ٺهراءُ جي اڪثريت سان منظوري ڏيئي ڇڏي ساجد خان جي هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته قبائلي علائقن ۾ نوڪريون ڏيڻ لاءِ ڊوميسائيل جي شرط ختم ڪرڻ جي تجويز جو جائزو وٺنداسين آءِ ڊي پيز لاءِ وفاقي حڪومت هڪ ارب 63 ڪروڙ رپيا فراهم ڪندي حنا رباني کر پاران پاڪستان ۾ رهندڙ مهاجرن ۽ غير قانوني پرڏيهين کي پاڪستان جي شهريت ڏيڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته وزيراعظم ڪراچي ۾ هڪ پاليسي جو اعلان ڪيو هو ان ۾ قانوني ۽ انساني شيون آهن ان تي عمل ڪرڻ جو فيصلو هڪ طريقي تحت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي ڪيو ويندو هن چيو ته هڪ شخص جيڪو پاڪستان ۾ ڄائو آهي ۽ اهو مهاجر طور رجسٽرڊ نه آهي پاڪستان جي لاڳاپيل قانون کي نظر ۾ رکي ان جو فيصلو ڪيو ويندو اصولي طور تي افغان مهاجرن جي ماضي ۾ اسان ذميواري ته کنئي هئي پر ان حوالي سان 1951 ڪنوينشن تي صحيحون ناهن ڪيون 1984 جي ڪنوينشن تي اسان صحيحون ڪري ڇڏيون آهن جنهن موجب ڪنهن کي به زبرداستي واپس نٿو موڪلي سگهجي او آءِ سي جي انساني حقن جي ڪنوينشن ۾ قرآن حڪيم جي حڪمن جو ذڪر اهي ۽ رياست مديني جو مثال ڏنو ويو آهي اسلامي روايت موجب مهاجرن کي هر قسم جو تحفظ ڏيڻ ۽ خيال رکڻ لازمي آهي سمورين جماعتن کي اعتماد ۾ وٺي هي مسئلو حل ڪيو ويندو جڏهن ته هن مسئلي کي وڌيڪ پوئتي نٿا رکي سگهون اهڙي طرح بهاري پاڪستاني شهري هئا هي بنگالي نه هئا هن مسئلي کي به ڏسڻو پوندو ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي حنا رباني کر ڊاڪٽر نفيسه شاهه، اختر مينگل جي سوالن جي جواب ۾ ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته وزيراعظم ان حوالي سان ڪو غيرذميواراڻو بيان ناهي ڏنو هن انساني حقن کي نظر ۾ رکندي ڳالهه ڪئي اهي ته جيڪو ٻارڙو هتي ڄائو آهي ان کي نيشنلٽي ملڻ گهرجي اسان واضح طور چيوآهي ته ان تي عمل سمورين جماعتن کي اعتماد ۾ وٺي ڪيو ويندو اسان جون پاليسيون ڪنهن اخبار جي اسٽوري سان متاٿر نه ٿينديون ڊاڪٽر نفيسه شاهه جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شڪر آهي ته ان جي دل ۾ ڪراچي وارن جو ڏک سور پيدا ٿيو آهي ايترن سالن کان سنڌ ۾ سندن حڪومت آهي ڪراچي سميت سڄي پاڪستان ۾ افغان مهاجر ۽ بهاري آباد آهن اسان انگ اکر گڏ ڪرڻ شروع ڪيا آهن انهن هي ڪم ناهي ڪيو وفاقي وزير چيو ته مهاجرن جي حوالي سان يو اين ايڇ سي آر جا 8 معاهدا آهن هي انهن معاهدن کان ماضي ۾ يوٽرن وٺندا رهيا سٽيزن شپ ايڪٽ سميت هر قانون ۾ ترميم آڻي سگهجي ٿي اسان جي وزيراعظم هن مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي اهي هي يوٽرن نه آهي مشاورتي عمل آهي اختر مينگل چيو ته جيڪڏهن هي قومي مسئلو آهي ته ان تي قومي اسيمبلي ۾ بحث ڇو نٿو ڪرايو وڃي سمورين جماعتن کان راءِ وٺڻ کان پوءِ هي مسئلو حل ڪيو وڃي سڀ کان پهريان رجسٽرڊ ۽ اڻ رجسٽرڊ مهاجرن جو تعداد معلوم ٿيڻ گهرجي ڪنهن پاڙيسري ملڪ يا انساني حقن جي نالي تي اسان پنهنجي قومي وقار کي قربان نٿا ڪري سگهون ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته هن معاملن تي هر جماعت کي پنهنجون تجويزون ڏيڻ گهرجن ماضي جي ڪنهن صوبائي يا مرڪزي حڪومت انگ اکر گڏ ڪرڻ جو ڪوبه ڪم ناهي ڪيو اسان ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي هن مسئلي تي بحث ڪرڻ تي اسان کي ڪوبه اعتراض نه هوندو اسپيڪر چيو ته هن مسئلي تي جيڪا به جماعت بحث ڪرڻ گهري ٿي 259 جي قائدي موجب رٿ کڻي اچي آغا حسن بلوچ  چيو ته هن مسئلي تي بحث ٿيڻ گهرجي ان جي سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته جڏهن به انگ اکر گڏ ٿيا ايوان کي آگاهه ڪنداسين ان حوالي سان اسان ڪائي به پاليسي اتفاق سان ٺاهڻ چاهيون ٿا.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں