ن ليگ مني بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏئي ڇڏيو، پگهار وٺي ڌرڻا هڻڻ جي روايت ختم ڪنداسين: شهباز شريف

1Shares

اسلام آباد (بيورو) مسلم ليگ (ن) جي صدر مخالف ڌر جي اڳواڻ شهبازشريف چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ حڪومت کان وڌيڪ مخالف ڌر جو امتحان آهي قومي مفادن جو تحفظ ۽ معيشت جي لاءِ اڀرندڙ خطرا سياڻپ ۽ ڊگهي نظر جي گهرج آهي هڪ تاريخي ڪردار ادا ڪندي ملڪ ۽ قوم کي ڪڏهن به مايوس نه ڪنداسين هو اڱاري تي پارليامينٽ هائوس ۾ پارٽي جي گڏيل پارليماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن ۾ پارٽي جي سينيئر قيادت سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن شرڪت ڪئي شهبازشريف چيو ته مني بجيٽ مان ثابت ٿئي ٿو ته ان کي ٺاهيندڙن جي ڪائي معاشي سوچ نه آهي ۽ نه ئي معاشي پلان يا پاليسي انهن وٽ آهي جنهن سان ملڪ ۽ قوم جي ڏکن سورن جو علاج ٿي سگهي. انهيءَ ڪري اسان هي مني بجيٽ رد ڪئي آهي ۽ عوام دشمن اهڙي هر قدم کي رد ڪندا رهنداسين وفاق ۽ پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) بي مثال عوامي خدمت جو رڪارڊ قائم ڪيو انشاءالله انهيءَ جذبي سان هاڻي پارليامينٽ ۾ ۽ ٻاهر قوم ۽ ملڪ جي مفادن جي تحفظ لاءِ به سخت محنت جذبي ۽ ڌيانداري سان ڪم ڪنداسين هن چيو ته پنهنجي ڪردار ۽ عمل سان ثابت ڪرڻو آهي ته اسان وڏي دعويٰ نٿا ڪيون پر قوم جي امانت جي پوري ڌيانتداري ۽ خوف خدا سان حفاظت ڪرڻ وارا آهيون هن چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ڪرم سان مسلم ليگ (ن) هر ڀيري ڪامياب ٿي آهي ۽ هن مرحلي مان به انشاءالله ڪامياب ٿي نڪرندي الله تعاليٰ اسان کي موقعو ڏنو آهي ته اسان پارليامينٽ کي مضبوط آئين جي حرمت ۽ ووٽ جي امانت جو ڪيس وڙهون اسان کي پگهار وٺي ڌرڻا هڻڻ جي روايت تبديل ڪرڻي آهي اسان کي دنيا تي ثابت ڪرڻو آهي ته اهليت ديانتداري ۽ نيت صاف هجي ته پارليامينٽ کان طاقتور ڪوبه فورم نه آهي اسان هن فورم کي قوم جي طاقت عزت جي علامت خواهشن اميدن ۽ مطالبا پورا ٿيڻ جو ذريعو ثابت ڪرڻو آهي قوم کي ثابت ڪرڻو آهي ته مخالف ڌر ئي انهن جي اميدن ۽ خواهشن جي اصل امين آهي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں