پرڏيهي وزير شاھ محمود قريشي جي آمريڪي صدر سان ملاقات، نئين سر لاڳاپا شروع ڪرڻ تي اتفاق

0Shares

نيويارڪ (م ڊ)  نيويارڪ  ۾ پرڏيهي وزير شاھ محمود قريشي  جي آمريڪا جي صدر ڊونالڊ ٽرمپ  سان ملاقات ٿي. ملاقات ۾ نئين سر ٻه طرفا تعلقاتن جي آغاز تي اتفاق پڻ ڪيو ويو. تفصيل موجب  آمريڪا جي دوري تي ويل پرڏيهي وزير شاھ محمود قريشي  آمريڪا جي صدر  ڊونالڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪئي. آجياڻي دوران پرڏيهي وزير شاھ محمود قريشي ۽ ڊونالڊ ٽرمپ وچ ۾ ملاقات ٿي، شاھ محمود قريشي جوئي ولسن سان ملاقات دوران اظهار ڪندي  چيو ته پاڪستان جي موجوده حڪومت سماجي ۽ اقتصادي منصوبن لاءِ اڻٽر آهي. شاھ محمود قريشي  پنهنجي آمريڪي هم منصب مائيڪ  پومپيو  سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي بحالي  لاءِ ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي وئي.  ان موقعي تي  مائيڪ پومپيو وزيراعظم عمران خان جي باري  ۾ خير سگالي  جي جذبن جو اظهار پڻ ڪيو. جڏهن ته ٻئي طرف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان قيمتي انساني حياتين ۽ وسيلن جي قرباني ڏيئي دهشتگردي خلاف جنگ جو رخ موڙي ڇڏيو آهي موجوده حڪومت جي سماجي ۽ اقتصادي منصوبن جي ڪاميابي لاءِ اڻٽر آهي اقتصادي تنظيم جي ميمبر ملڪن وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن سان علائقائي رابطي جي منصوبن کي وڌيڪ هٿي ڏيئي سگهجي ٿي جڏهن ته آمريڪي عملدارن چيو ته خطي ۾ گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار جاري رکڻ جي ضرورت آهي گذريل ڏينهن شاهه محمود قريشي آمريڪي ڪانگريس ميمبر ۽ ايوان جي نمائندن جي پرڏيهي معاملن ۽ فوج بابت ڪميٽين جي ميمبر جوئي ولسن سان ملاقات ڪئي هن ان موقعي تي پاڪستان پاران گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل لاڳاپن جي خواهش جو اظهار ڪيو پرڏيهي وزير دهشتگردي سان مقابلي جي حوالي سان پاڪستان جي صلاهيت وڌائڻ لاءِ آمريڪي ڪانگريس جي مدد کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان قيمتي انساني حياتين ۽ وسيلن جي قرباني ڏيئي دهشتگردي خلاف جنگ جو رخ موڙي ڇڏيو آهي ملاقات کان پوءِ جاري ڪيل پڌرنامي مطابق پرڏيهي وزير ان موقعي تي جوئي ولسن کي وزيراعظم عمران خان جي پرامن پاڙيسرائپ جي سوچ کان به آگاهه ڪيو ۽ چيو ته هي موجوده حڪومت جي سماجي ۽ اقتصادي منصوبن لاءِ اڻٽر آهي پرڏيهي وزير گهرو ۽ پرڏيهي پاليسي ترجيحن جي وضاحت ڪئي هن چيو ته عام چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪاميابي ۾ نوجوان پاڪستانين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ان لاءِ حڪومت جي ترقياتي ايجنڊا ۾ نوجوانن کي تعليم نوڪرين ۽ موقعا فراهم ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي جوئي ولسن ان موقعي تي پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي عام چونڊن ۾ سندس پارٽي جي ڪامياب ٿيڻ تي مبارڪ ڏني هن خطي ۾ گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آمريڪي ڪانگريس جي هيٺين ايوان جي نمائندن جي ميمبر جوئي ولسن جو تعلق رياست سائوٿ ڪيرولائنا سان آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں