اليڪشن ڪميشن چونڊ خرچن جي معاملي تي وزيراعظم سميت 100 کان وڌيڪ ميمبرن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

1Shares

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ خرچن جي معامل تي وزيراعظم عمران خان سميت ٻين 100 کان وڌيڪ اسيمبلي ميمبرن کي نوٽيس جاري ڪندي هڪ هفتي ۾ جواب گهري ورتو ميڊيا رپورٽ موجب چونڊ خرچن جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي 96 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 46 ميمبرن کي نوٽيس جاري ڪيا آهن جن ۾ وزيراعظم عمران خان پنجاب جو وڏو وزير عثمان بوزدار صوبائي اطلاعات وزير فياض الحسن چوهاڻ سميت پيپلزپارٽي جو راجا پرويز اشرف ۽ (ن) ليگ جي خواجه آصف جو نالو به شامل آهن اليڪشن ڪميشن عملدارن مطابق چونڊ خرچن جون قانوني گهرجون پوريون نه ڪرڻ تي نوٽيس جاري ٿيو ۽ چونڊ خرچن جي دستاويزن ۾ هڪجهڙائي نه آهي جڏهن ته اسيمبلي ميمبرن مشهوري مهم دوران قانوني گهرجون بهپوريون نه ڪيون جنهن تي اسيمبلي ميمبرن کي نوٽيس جاري ڪندي هڪ هفتي ۾ جواب گهريو ويو آهي عملدارن جو چوڻ هو ته مشهوري مهم لاءِ پرنٽرز جو نالو ۽ رابطي لاءِ نمبر لکڻ ضروري اهي جڏهن ته جمع ڪرايل رسيدن جي بئنڪ اسٽيٽ مينٽ سان هڪجهڙائي به ضروري آهي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں