مٺي سول اسپتال ۾وڌيڪ 4 معصوم ٻارڙا فوت، فوتي ٻارڙن جو انگ 44 ٿي ويو

0Shares

مٺي( ڊ ر ) ٿر ۾ ڏڪاري حالتون سنگين ٿي ويون،لڏپلاڻ تيز،معصوم ٻارڙن تي موت جو راڪاس،وڌيڪ چار جيجل مائرن جون جهوليون خالي،25 ڏينهن ۾ فوتين جو انگ 44 ٿي ويو،هلندڙ سال انگ 470 ٿي ويو،ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڏڪاري حالتون انتهائي سنگين ٿي ويون آهن،جنهن سبب ستن ئي تعلقن مٺي، اسلام ڪوٽڏيپلو، ننگرپارڪر، ڪلوئي،ڇاڇرو، ڏاهلي جي 26 سئو ڳوٺن ۾ حالتون سنگين ٿي ويون آهن،جنهن سبب لڏپلاڻ جو سلسلو تيزي سان جاري آهي،ٻئي پاسي معصوم ٻارڙن تي موت جو رڪاس جاري آهي،معصوم ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ توڙي مختلف بيمارين وگهي فوت ٿي رهيا آهن،انهي سلسلي ۾ سول اسپتال مٺي ۾ وڌيڪ چار معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن،جنهن بعد مهيني جي 25 ڏينهن دوران44 ۽ هلندڙ سال دوران فوتين جو انگ وڌي 470 ٿي ويو آهي،سمورين اسپتالن ۾ سوين معصوم ٻارڙا بيمارين ۾ ورتل آهن،سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ برقرار آهي،جنهن سبب لکين مارو ماڻهو علاج جي سهوليتن کان محروم ٿي ويا آهن،جنهن طرف حڪومت ڪوبه ڌيان ناهي ڏنو نه وري ٻهراڙي وارن ڳوٺن ڏانهن صحت کاتي جون ٽيمون موڪليون ويون آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں