ايشيا ڪپ: افغانستان ڀارت کي مئچ کٽڻ لاءِ 253 رنسن جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو

0Shares

دبئي (اسپورٽس نيوز)  ايشيا ڪپ جي سپر فور  مئچ ۾ افغانستان ٽاس  کٽي  ڀارت خلاف پهرين بيٽنگ ڪندي  مقرر اوورن ۾ 8  وڪيٽن جي نقصان تي 252 رنسون ٺاهي ڀارت کي مئچ کٽڻ لاءِ  253 رنسن جو ٽارگيٽ  ڏئي ڇڏيو.  وڪيٽ ڪيپر محمد شهزاد  جارحاڻي بيٽنگ  ڪندي فقط 116 بالن ۾ 124 رنسن جي شاندار اننگ  کيڏي. محمد نبي  64  ۽ نجيب الله 20 رنسون ٺاهي سگهيا. رويندرا  جديجا 3  ۽ ڪلديپ ياديو 2 رانديگرن  کي پويلين موڪليو. خليل احمد، ديپڪ چهر  ۽ ڪيڊر جاديو 1-1  شڪار ڪيو. جواب  ۾ ڀارت 28 اوورن  ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 158  رنسون ٺاهي ورتيون. ڪي ايل راهول 60، امياتي رائيڊو 57  ۽ ڪپتان مهيندڙ سنگهه ڌوني 8 رنسون ٺاهي پويلين  موٽي ويا.  ڀارتي ٽيم  ۾ وڏن رانديگرن  کي  آرام ڏنو ويو. ڪپتاني جا فرض ڌوني سرانجام ڏنا

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں