سوشل ميڊيا تي نمبر شيئر تي ڪاجول مڙس تي ڏمرجي پئي

0Shares

 ممبئي(شوبز نيوز) ڪاجول پنهنجو موبائل نمبر غلطي سان ٽوئيٽر تي شيئر ڪرڻ تي مڙس اجي سان ڪاوڙجي پئي آهي. گذريل ڏينهن اجي ديوگن پنهنجي گهر واري ڪاجول جو واٽس ايپ نمبر غلطي سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي شيئر ڪندي لکيو هو ته ڪاجول هن وقت ملڪ ۾ ناهي، ان ڪري سندس هن واٽس ايپ نمبر تي رابطو ڪيو وڃي، ان جي ڪجهه دير کانپوءِ هڪ ٻئي ٽوئيٽ ذريعي ٻڌايو ته هن اهو سڀ ڪجهه مذاق ۾ چيو. هزارين ماڻهو ڪاجل کي ان جي واٽس ايپ نمبر تي پيغام موڪلي چڪا هئا ۽ اڄ ڪاجل پنهنجي مڙس جي اهڙي مذاق تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٽوئيٽر تي اجي ديوگن لاءِ لکيو ته تنهنجو مذاق اسٽوڊيو کان ٻاهر نڪري ويو هوندو پر ان جي گهر ۾ ڪا جاءِ ناهي، ان سان گڏ ئي ڪاجل ڪاوڙ وارو آءِ ڪان ٺاهي ظاهر ڪيو ته هو اجي سان ناراض آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں